Book Name:Madine Mein Marne Ke Fazail

وطن ۾ مري وَيُس ته ڇا ڪندس ...!!

پيارا اسلامي ڀائرو! ڏسو! ڪهڙي نه نرالي قسمت آهي، ڪهڙو قابلِ رشڪ موت آهي. هڪ سچي عاشق محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي قدمن ۾ جڳهه حاصل ڪرڻ جي لاءِ 70 سالن کان ڪجهه وڌيڪ عرصو انتظار ڪيو، مشڪلاتون آيون، صبر ڪندا رهيا، پنهنجن کان پري، ڀينرن ڀائرن کان پري مدينه پاڪ ۾ رهيا، خواهش هئي ته رڳو اها ته بقيعِ پاڪ ۾ دفن ٿيڻ نصيب ٿي وڃي، محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان        صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪيئن نه ڀرم رکيو، ڪيڏو نه ڪرم فرمايو، عاشقِ صادق کي پنهنجن قدمن ۾ قبول فرمايو به ته ڪهڙي شان سان...!! سُبْحٰنَ اللہ! جنازو شريف ڪڏهن مواجہه شريف تي پيش ٿئي پيو ته ڪڏهن قدمن ۾ حاضر ٿئي پيو، آخرڪار  درود ۽ سلام جي گونج سان اهلِ بيتِ پاڪ جي قدمن ۾ آرام جي جاءِ ملي ٿي وڃي. الله پاڪ اسان کي به اهڙو نصيب عطا فرمائي، ڪاش! عمر ڀر مديني ۾ اچڻ وڃڻ نصيب ٿيندو رهي، ڪاش! صد ڪروڙ ڪاش...!! جڏهن آخري وقت اچي، گنبذِ خضرا شريف جو سايو هجي، سونهري ڄاريون سامهون هجن، ڪلمو پڙهندي، درودِ پاڪ لبن تي سجائيندي دم نڪري وڃي. 

یُوں مجھ کو موت آئے تو کیا پوچھنا مرا                                     میں خاک پر، نگاہ درِ یار کی طرف

کعبے کے صدقے، دِل کی تمنّا مگر یہ ہے                         مَرنے کے وقت مُنہ ہو درِ یار کی طرف

آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۔

مديني پاڪ جو  هڪ نرالو  شان

پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! مدينو پاڪ ڪيڏو نرالو شهر آهي...؟ هاڻي مون هڪ عاشقِ رسول جي وفات جو ذڪر ڪيو، ان تي سُبْحٰنَ اللہ! چيو پيو وڃي. هي ته الله پاڪ جي ولي، تمام وڏي عاشقِ رسول سيدي قطبِ مدينه رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  جو ذڪر هو، پر ڪو عام ماڻهو، جيڪو عاشقِ رسول هجي، اسان کي ٻڌايو وڃي ته فلاڻو مديني ويو هو، اتي ئي وفات ڪري ويو، چاهيندي يا نه چاهيندي به اسان جي زبان مان سُبْحٰنَ اللہ! نڪري ويندو. اسان کي ان تي رشڪ اچي رهيو هوندو.