Book Name:Madine Mein Marne Ke Fazail
سيدي قطبِ مدينه رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه روضي پاڪ تي حاضر ٿي ويا، سونهري ڄارين جي سامهون بيهي عرض ڪيائون: يا رسولَ اللہ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! مان هتان وڃڻ نه ٿو چاهيان، هتي ئي قدمن ۾ رهڻ چاهيان ٿو.
تیرے ٹکڑوں سے پلے، غیر کی ٹھوکر پہ نہ ڈال جھڑکیاں کھائیں کہاں؟ چھوڑ کے صدقہ تیرا
کس کا مُنہ تَکیے! کہاں جائیے! کس سے کہیے! تیرے ہی قدموں پہ مِٹ جائے یہ پالا تیرا ([1])
فرمائن ٿا: درخواست پيش ڪري جڏهن مان واپس موٽيس ته ڇا ٿو ڏسان ته پوليس واري پاڻ ئي منهنجو سامان گهر جي اندر رکي ڇڏيو آهي ۽ مون کي به رهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
عاشقِ مصطفےٰ ضِیاءُ الدِّین زَاہِد و پَارسا ضِیاءُ الدِّین
تم کو قُطبِ مدینہ یامُرشِد! علما نے کہا ضِیاءُ الدِّین
عاشق جو جنازو آهي ٿورو ڌوم ڌام سان نڪري....!!
پيارا اسلامي ڀائرو! سيدي قطبِ مدينه رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه مديني ۾ ئي رهڻ، هتي ئي مرڻ ۽ بقيعِ پاڪ ۾ دفن ٿيڻ جي تمام گهڻي تمنا رکندا هئا، اها ئي تمنا دل ۾ سانڍي اوهان 70 سالن کان ڪجهه وڌيڪ عرصو مدينه پاڪ ۾ گذاريو، آخرڪار سچي عاشقِ رسول جي سچي تمنا پوري ٿي. سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي عاشق کي پنهنجن قدمن ۾ قبول فرمايو.
هي 4 ذُو الحج، 1401 هه(بمطابق 10 فيبروري، 1981 ع) جمعي جو ڏينهن هو. هوڏانهن مسجدِ نبوي شريف ۾ جمعي جي اذان شروع ٿي، مؤذن اللہُ اَکْبر، اللہُ اَکْبر چيو، ان سان گڏ ئي سيدي قطبِ مدينه رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ڪلمو شريف پڙهيو ۽ سندن روح پاڪ پرواز ڪري ويو.
جمعي جي نماز کان پوءِ غسل ۽ ڪفن جو سلسلو ٿيو، حُجرہِءِ مقدسه (سونهري ڄارين جي اندر واري حصي) جي خاڪِ پاڪ سندن مٿي جي هيٺان رکي وئي، حجري