Book Name:Madine Mein Marne Ke Fazail

۽ پاڻ کي شيطان کان بچائڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته اسان پنهنجين عادتن، پنهنجي ڪردار ۽ پنهنجن عملن جو جائزو وٺندا رهون. موجوده دور ۾ اميرِ اهل سنت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَت بَرَکَاتُہم الْعَالِیَہ پنهنجو جائزو وٺڻ جو آسان طريقو ڏنو آهي: رسالو نيڪ اعمال * وڏي عمر جي اسلامي ڀائرن لاءِ نيڪ اعمال رسالي ۾ 72 سوال جواب لکيل آهن * هر سوال جي هيٺان 30 خانا آهن * روزانو سوال پڙهي پنهنجو جائزو وٺڻو هوندو آهي ۽ خانا ڀرڻا هوندا آهن * درست اسلامي زندگي گذارڻ جو هي بهترين نسخو آهي * ان جي ذريعي نه ڄاڻ ڪيترن جي اصلاح ٿي چڪي آهي. 

توهان به هي رسالو خريد فرمايو! نيڪ اعمال جي مطابق روزانو جائزو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! تمام گهڻو فائدو ٿيندو * اخلاق سڌرندا * ڪردار سٺو ٿيندو * عادتون بهتر ٿينديون * نيڪين تي استقامت ملندي * گناهن کان نفرت ٿيندي * دل روشن ٿيندي * محبتِ الٰهي نصيب ٿيندي * عشقِ رسول ۾ اضافو ٿيندو * روحانيت ملندي * ۽ فڪرِ آخرت نصيب ٿيندو. 

نيڪ اعمال رسالي جي برڪت

نيو ڪراچيءَ جي هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي ته اسان جي علائقي جي مسجد جا امام صاحب، جيڪي دعوتِ اسلامي سان وابسته آهن، انهن منهنجي وڏي ڀاءُ کي نيڪ اعمال جو رسالو تحفي ۾ پيش ڪيو. اهي گھر کڻي آيا، گھر اچي انهن رسالو پڙهيو ته حيران ٿي ويا ته هن مختصر رسالي ۾ هڪ مسلمان کي اسلامي زندگي گذارڻ جو ايترو زبردست فارمولو ڏنو ويو آهي! نيڪ اعمال جو رسالو ملڻ جي برڪت سان اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! انهن کي نماز پڙهڻ جو جذبو مليو ۽ نمازِ باجماعت جي ادائيگي لاءِ مسجد ۾ حاضر ٿيا ۽ هاڻي پنج وقت جا نمازي ٿي چڪا آهن، ڏاڙهي مبارڪ به سجائي ورتائون ۽ پابنديءَ سان نيڪ اعمال جي رسالي مان جائزو وٺڻ وارا بڻجي ويا آهن. 

نیک اعمال کے عامل پہ ہر دم ہر گھڑی                                 یاالہٰی! خوب برسا رحمتوں کی تُو جھڑی

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                                                           صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد