Book Name:Madine Mein Marne Ke Fazail
مجھے مَرنا ہے آقا گُنبدِ خَضرا کے سائے میں وطن میں مَرگیا تو کِیا کروں گا یارَسُولَ اللہ! ([1])
جنت البقيع جو تذڪرو
پيارا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن مديني شريف ۾ موت اچي وڃي ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! بقيع به نصيب ٿي ويندو.
میں ہوں سُنّی رہوں سُنّی مروں سُنّی مدینے میں
بقیع پاک میں بن جائے تُربَت یَارَسُوْلَاللہ! ([2])
بقيع پاڪ جي شان ۽ عظمت جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! روايتن ۾ آهي ته جڏهن محبوب ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هجرت ڪري مدينه شريف تشريف کڻي آيا ته اوهان کي قبرستان جي لاءِ جاءِ جي تلاش هئي. آخرڪار پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم بقيع پاڪ کي چونڊيو ۽ فرمايائون: مون کي هن جاءِ يعني بقيع (کي قبرستان بڻائڻ) جو حڪم ٿيو آهي. ([3])
سُبْحٰنَ اللہ! معلوم ٿيو ته بقيع پاڪ جو انتخاب الله پاڪ جي حڪم سان ڪيو ويو آهي.
کیا جنّتُ البقیع کی شانِ رفیع ہے بُرجِ فلک ہر ایک مزارِ بقیع ہے
خُلدِ نَہم جہاں میں یہی ارضِ پاک ہے کُحْلُ الْبَصر یہیں کی زمانے میں خاک ہے
وضاحت: جنت البقيع جو شان ايتري قدر بلند آهي جو هتي موجود هر هڪ مزارِ پاڪ آسمان جي روشن برجن جيان آهي، ايئن کڻي چئجي ته هي ڄڻ ته نائين جنت آهي، هتان جي مٽي سڄي زماني جي اکين جو سرمو آهي.
حضرت ڪعب الاحبار رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا: اسان توريت شريف ۾ پڙهيو آهي،