Book Name:Madine Mein Marne Ke Fazail
هن (يعني جنت البقيع) جو نالو ڪُفته آهي، فرشتا ان جي نگراني ڪندا آهن، جڏهن هي قبرستان ڀرجي ويندو آهي ته فرشتا ان کي ٻنهي طرفن کان کڻي جنت ۾ داخل ڪندا آهن. ([1])
مَدْفُون جو یہاں ہے وہ غم سے ہے رَسْتْگار دوزخ کا کچھ عذاب نہ مَرْقَد کا ہے فَشَار
وضاحت: جنت البقيع ۾ جيڪو به دفن آهي، الله پاڪ جي ڪرم سان هر قسم جي غم ۽ پريشاني کان محفوظ ۽ نجات يافته آهي، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ان کي نه دوزخ جو عذاب ٿيندو ۽ نه ئي قبر جو.
علامه سمهودي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه نقل ڪن ٿا: هڪ دفعو نبي پاڪ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم بقيع پاڪ ڏانهن تشريف وٺي ويا، جڏهن اتي پهتا ته ارشاد فرمايائون: الله پاڪ هن قبرستان مان 70 هزار ماڻهن کي بغير حساب ۽ ڪتاب جي جنت ۾ داخل فرمائيندو. ([2])
تختہ ریاضِ خُلد کا ارضِ بقیع ہے کیا جنّتُ البقیع کی شانِ رفیع ہے
ہے جنّتُ البقیع بزرگوں کی یادگار ہیں اہلِ بیتِ پاک کے اکثر یہیں مَزَار
اصحابِ مصطفیٰ بھی یہاں دفن ہیں قبروں سے جن کی اِس کے مَراتِب بلند ہیں
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! هتي هڪ وضاحت ڪريان ته: مديني شريف ۾ مرڻ جي وڏي فضيلت آهي، هتي مرڻ وارن کي پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي شفاعت ملندي، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! عذابِ قبر کان نجات ملندي، الله پاڪ چاهيو ته بغير حِساب