Book Name:Madine Mein Marne Ke Fazail

حالانڪه دنيا ۾ ڪٿي به، ڪنهن به خطي ۾، ڪيڏي به وڏي عمر حاصل ڪرڻ کانپوءِ ڪو شخص وفات ڪري وڃي ته اِنَّا ‌لِلَّهِ ‌وَاِِنَّا اِلَيْهِ راجِعُونَ پڙهيو ويندو آهي، رشتيدارن سان تعزيت ڪئي ويندي آهي، غم جو اظهار ڪيو ويندو آهي، پر مديني ۾ مرڻ جي ڳالهه ئي ٻي آهي، جيڪو مديني ۾ مري وڃي، ان تي غم ڪرڻ جي بدران عاشقانِ رسول رشڪ ڪندا آهن. 

یہاں رہ کے جینا ہے مرنے سے بدتَر                         وہاں جا کے  مرنا ہے، جینے سے بہتر

میسر جو ہو اُن کے قدموں میں رہ کر                                         وہی زندگی اصل میں زندگی ہے

مدينو  حَسِين آهي

      پيارا اسلامي ڀائرو! مدينو پاڪ تمام عظمت وارو، نهايت برڪتن وارو، فضيلتن وارو، پيارو پيارو، سهڻو سهڻو شهر آهي. الله پاڪ پنهنجي محبوب ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي قيام لاءِ پاڻ هن پاڪ شهر جو انتخاب فرمايو ۽ ان ڏانهن هجرت جو حڪم ڏنو. قرآن ڪريم ۾ آهي: 

وَ الَّذِیْنَ ھَاجَرُوْا فِی اللّٰہِ  مِنْۢ  بَعْدِ مَا ظُلِمُوْا لَـنُبَوِّئَنَّہُمْ فِی الدُّنْیَا حَسَنَۃً ؕ

(پارو: 14، سورہ نحل: 41)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ جن الله جي واٽ ۾ پنهنجا گهر ٻار ڇڏيا، ان کان پوءِ جو انهن تي ظلم ڪيو ويو، پوءِ ضرور اسان انهن کي دنيا ۾ چڱي جاءِ ڏينداسين.

 تفسيرِ طبري ۾ آهي: امام شعبي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه   فرمائن ٿا: هن آيتِ ڪريمه ۾ حسنہ مان اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو پيارو پيارو مدينو مراد آهي. ([1]) 

علماءِ ڪرام فرمائن ٿا: هڪ محبت ڪرڻ وارو، پنهنجي محبوب جي لاءِ بهترين ۽ خوبصورت ترين جاءِ جو ئي انتخاب ڪندو آهي، جڏهن ته الله ربّ العالمين پنهنجي محبوب ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي لاءِ مديني پاڪ جو انتخاب فرمايو، ان مان


 

 



[1]...تفسیرِ طبری، پارہ:14، سورۂ نحل، زیرآیت:41، جلد:7، صفحہ:585، رقم:21591 ۔