Book Name:Madine Mein Marne Ke Fazail
مدني قاعِدھ (Madani Qaida) موبائل ايپلي ڪيشن
پيارا اسلامي ڀائرو! قرآن ڪريم جو فيضان عام ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي I.T ڊيپارٽمينٽ هڪ موبائل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي آهي، جنهن جو نالو آهي: مدني قاعِدھ (Madani Qaida). هن ايپلي ڪيشن ۾ مڪمل مدني قاعدو ۽ ان جي آڊيو (Audio) شامل ڪئي وئي آهي يعني هن ايپلي ڪيشن ۾ توهان مدني قاعدي جي جنهن حرف يا جنهن لفظ تي ڪلڪ (Click) ڪندا، آڊيو (Audio) ۾ ان جو تَلَـفُّـظْ هلندو، اهڙي طرح هن ايپلي ڪيشن جي مدد سان آسانيءَ سان مدني قاعدو پڙهي، ان جي مشق (Practice) ڪري دُرُست مخارج ۽ ضروري تجويد سکي سگهجي ٿي. هن ايپلي ڪيشن ۾ مدني قاعدي جي سڀني سبقن جي وڊيو ريڪارڊنگ به ڏسي سگهجي ٿي. هيءَ ايپلي ڪيشن پنهنجي سمارٽ فون ۾ انسٽال ڪري وٺو، پاڻ به فائدو حاصل ڪريو ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريو.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
* اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! ذوالحج شريف جو مهينو جاري آهي، هن مبارڪ مهيني جا ابتدائي 10 ڏينهن شيخِ طريقت، امير اهلِسنت مولانا الياس عطار قادري دَامَت بَرَکَاتہمُ الْعَالِیَہ روزانو رات جو تقريباً 9:30 منٽن تي، مدني چينل تي لائيو مدني مذاڪرو فرمائيندا آهن. سڀئي ذميدار ۽ عاشقانِ رسول انهن مدني مذاڪرن ۾ پاڻ به شرڪت فرمايو ۽ ٻين کي به ان جي دعوت ڏيو. * شيخِ طريقت، امير اهلِسنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَہ يا خليفهءِ امير اهلسنت دَامَت بَرَکَاتُہمُ العالِیَہ هر هفتي هڪ ديني رسالو پڙهڻ جي ترغيب به ارشاد فرمائيندا آهن، ايندڙ هفتي جي مدني مذاڪري ۾ رسالي 30 روحاني علاج جو اعلان ڪيو ويندو. هي رسالو پاڻ به پڙهو! ٻين کي به شيئر (Share) ڪريو! * قرباني ڪرڻ وارن جي لاءِ آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچڻ وارا مسئلا ۽ قرباني جي فضيلتن تي لکيل مولانا