Book Name:Madine Mein Marne Ke Fazail
اچي ويندو ته عشق ۽ محبت ۾ جهومڻ (يعني مچلجڻ) لڳندس.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
حديث پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیَّات عملن جو دارومدار نيتن تي آهي.([1])
اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ مڪمل بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * بيان دوران سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس*جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! برڪتن وارو، رحمتن وارو، عزتن وارو مهينوذُو الحج تشريف کڻي آيو آهي. حديث پاڪ ۾ فرمايو ويو آهي ته عزت ۽ حرمت جي لحاظ کان هي سڀني کان عظمت وارو مهينو آهي.([2]) حديث پاڪ جي مطابق هن مهيني جي شروعاتي 10 ڏينهن ۾ هڪ نيڪيءَ جو ثواب 700 دفعا وڌايو ويندو آهي. ([3]) هڪ ٻي روايت ۾ آهي: * انهن ڏينهن ۾ نيڪي ڪرڻ افضل نيڪي آهي * انهن ڏينهن ۾ هڪ ڏينهن جو روزو رکڻ هڪ سال جي روزن جي برابر آهي * انهن ڏينهن جي راتين ۾ قيام ڪرڻ (يعني رات جو جاڳي عبادت ڪرڻ) شبِ قدر ۾ عبادت ڪرڻ جي برابر آهي. ([4])
ہر ہر گھڑی ہے اِس کی عِزّ و فَضَل میں یَکْتا بادَل کرم کا چھایا، ماہِ حرام آیا