Book Name:Madine Mein Marne Ke Fazail
هڪ ادا سنت جي سانچي ۾ سجايل هئي * اهو عاشقِ رسول جنهن کي ڏسي عاشقن جون دليون جُهومڻ لڳنديون هيون * اهو عاشقِ رسول جيڪو گنبذِ خضرا جي جلون ۾ گم رهندو هو * اهو عاشقِ رسول جنهن کي مديني سان بي حد محبت هئي * اهو عاشقِ رسول جنهن تڪليفون برداشت ڪيون پر مدينو ڇڏڻ گوارا نه ڪيو * اهو عظيم عاشقِ رسول جنهن کي محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجن قدمن ۾ قبول فرمايو ۽ بقيعِ پاڪ ۾ جاءِ عطا فرمائي.
غرقِ عشقِ مصطفےٰ، قُطبِ مدینہ طیبہ فیض کا اِک سلسلہ، قُطبِ مدینہ طیبہ
ساکنِ شہر مدینہ، مرکزِ مہر و وَفا مصدرِ حلم و حیا، قُطبِ مدینہ طیبہ
وضاحت: * حضرت قطبِ مدينه رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي زندگي، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي عشق ۾ ٻڏل هئي * سندن ذاتِ پاڪ مان فيض جو درياهه وهي رهيو هو * پاڻ مدينه پاڪ جا رهڻ وارا * واعدي جي پابندي ڪرڻ وارا * حلم ۽ حيا جا پيڪر هئا.
پيارا اسلامي ڀائرو! اهي عظيم عاشقِ رسول ڪير آهن...؟ * اهي امامِ عشق و محبت اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جا مريد آهن * ڪروڙين عاشقن جي دلين جي ڌڙڪن * عاشقِ مدينه سيدي اميرِ اهلِ سنت جا پير صاحب آهن * دنيا انهن کي قطبِ مدينه حضرت ضِياءُ الدِّين مدني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي نالي سان سڃاڻيندي آهي.
عاشقِ مصطَفٰے، ضِیاءُ الدِّین زاہِد و پَارْسَا، ضِیاءُ الدِّین
جامِ عشقِ نبی پِلا کے مجھے مَسْت وبے خُود بنا، ضِیاءُ الدِّین
موت آئے مجھے مدینے میں کردو حَق سے دُعا، ضِیاءُ الدِّین
مجھ کو دیدو بقیعِ غَرقَد میں اپنے قدموں میں جا، ضِیاءُ الدِّین ([1])
حضرت ضِياءُ الدِّين مدني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه مسلمانن جي پهرين خليفي عاشقِ اڪبر