Book Name:Faizan-e-Ghous-ul-Azam

جي مدني تربيت جي لاءِ ٻارن جون سچيون ڪهاڻيون لکيون آهن، جنهن جا نهايت ئي پيارا پيارا عنوان آهن، انداز به تمام آسان رکيو آهي ته جيئن ٻار آساني سان سمجھي سگھن، گڏوگڏ جڳھ جڳھ خاڪا بڻايا ويا آهن ته جيئن ٻارن جي لاءِ دلچسبي ٿئي، ٻارن جون اهي ڪهاڻيون مڪتبة المدينه تان هديو ڏي وٺي سگھجن ٿيون ۽ جيڪڏهن ويب سائٽ تان پڙهڻ چاهيو ته دعوت ِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان هنن ڪهاڻين کي پڙهي به سگھو ٿا، ڊاؤن لوڊ به ڪري سگھو ٿا، ۽ انهن جو پرنٽ به ڪڍي سگھو ٿا۔ هنن رسالن جا نالا هي آهن (1) نور وارو چهرو (2) فرعون جو خواب (3) پٽ هجي ته اهڙو (4) ڪوڙو چور۔"اولاد جي حقن" تي مشتمل دلچسپ سوال جواب به انهيء ويب سائٽ ۽ ميموري ڪارڊ (Memory Card) بنام فيضانِ مدني مذاڪره نمبر8 تان ڏسو ۽ مدني مُنّن کي ڏيکاري سگھجن ٿا۔

اي ڪاش! ٻارن کي جنن ۽ ڀوتن جون ڪهاڻيون پڙهائڻ يا ٻڌائڻ بدران اسان اهي سچيون اسلامي ڪهاڻيون پڙهايون يا ٻڌايائون، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اسان ڏسنداسين ته اسان جا ٻار مدني ماحول سان وابسته ٿيندا ويندا۔ اچو سڀئي گڏجي بارگاھ مُصطفيٰ ۾ اِستغاثو پيش ڪريون ٿا:

مِرے غوث کا وسیلہ رہے شاد سب قبیلہ

اِنہیں خُلد میں بسانا مَدنی مدینے والے

مِرے جس قَدَر ہیں اَحباب انہیں کردیں شاہ بیتاب

ملے عِشق کا خزانہ مَدنی مدینے والے

مِری آنیوالی نسلیں ترے عشق ہی میں مچلیں

انہیں نیک تُو بنانا مَدنی مدینے والے

(وسائلِ بخشش ، ص۴۲۹)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد