Book Name:Faizan-e-Ghous-ul-Azam
بَلائون ۽ مصيبتون پري ٿينديون۔ ٿي سگھي ٿو ته تمام عاشقانِ رسول هي سوچي رهيا هوندا ته آخر اهو ڪهڙو مدني طريقو آهي جو جنهن کي نافذ ڪرڻ سان ايتريون کوڙ برڪتون نصيب ٿي سگھن ٿيون، منهنجو مشورو آهي ته تمام اسلامي ڀائر نيت ڪن ته اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هن مدني طريقي کي اسان به پنهنجي گھر ۾ نافذ ڪنداسين ته جيئن اسان جي ٻارن جي مدني تربيت به ٿئي ۽ اهي شروع کان ئي الله الله الله ڪرڻ وارا بڻجي وڃن۔
توجھ سان ٻُڌو اهو مدني طريقو ڪهڙو آهي؟ جي ها! اهو مدني طريقو آهي مدني چينل!!! اسان مان هن وقت ڪيئي اهڙا عاشقانِ رسول هوندا جن جي گھرن ۾ مدني چينل هلڻ جي برڪت سان تمام گھڻيون برڪتون ملڻ سان گڏوگڏ انهن جي ٻارن جي مدني تربيت به ٿي هوندي، جنهن گھر ۾ اڃان تائين مدني چينل ناهي هليو يا ڪڏهن ڪڏهن هلندو آهي اهي گھر وارا به هڪ ڀيري مدني چينل آن ڪري ته ڏسن، هن ۾ آخر اها ڪهڙي شيء آهي جنهن جي برڪت سان ايتريون برڪتون ملنديون آهن، اوهان جڏهن به مدني چينل آن ڪندؤ يا ته تلاوتِ قرآن جو آواز اچي رهيو هوندو، يا نعتِ مصطفيٰ جا ترانا گُونجي رهيا هوندا، ڪڏهن حلال ۽ حرام جا مسئلا بيان ٿي رهيا هوندا، ڪڏهن سُنّتن ڀري بيان جي ذريعي نيڪي جي دعوت ڏني پئي ويندي هوندي، اَلغَرَض! مدني چينل هروقت (ڏينهن هجي يا رات) اسان کي ۽ اسان جي ٻارن کي ڪا نه ڪا نيڪي جي ڳالھ ٻڌائيندو ۽ چڱي ڳالھ سيکاريندو، اسان هڪ ڀيرو گھر ۾ مدني چينل آن ته ڪيون، جيڪڏهن ڪنهن عَلائقي ۾ مدني چينل هلڻ جي حوالي سان ڪو مسئلو (Problem) هجي ته متعلقه شعبي جي ذميدارن سان رابطو ڪري ان جو حل به ڪڍي سگھجي ٿو۔
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت، باني دعوتِ اسلامي حضرتِ علامه مولانا ابوبلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ ٻارن