Book Name:Dhal Jaaye Gi Yeh Jawani

اَلۡـحَـمۡـدُ لِـلّٰـہِ رَبِّ الۡـعٰـلَـمِیۡنَ وَ الـصَّـلٰـوۃُ وَ الـسَّـلَامُ عَـلٰی خَاتَمِ النَّبِیّٖن  ط

اَمَّـا بَــعۡـدُ فَـاَعُـوۡذُ بِـا لـلّٰـہِ مِـنَ الـشَّـیۡـطٰنِ الـرَّجِیۡمِ ط بِـسۡمِ الـلّٰـہِ الـرَّحۡـمٰنِ الـرَّحِـیۡمِ ط

وَعَلٰي اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا حَبِيۡبَ اللّٰه                                                                                                            اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا رَسُوۡلَ اللّٰه

وَعَلٰي اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا نُوۡرَ اللّٰه                                                                                                                        اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا نَبِيَّ اللّٰه

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ (ترجمو: مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

دُرود شريف جي فضيلت

حضرتِ عبدالرحمٰن بن عَوف رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کان روايت آهي ته نبي ڪريم، رَءُوْفٌ رَّحيم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هڪ ڀيري ٻاهر تشريف فرما ٿيا ته مان به سندن جي پٺيان هليو ويس. پاڻ هڪ باغ ۾ داخل ٿيا ۽ سجدي ۾ تشريف فرما ٿيا، پاڻ سجدو ايترو ته ڊگھو ڪيائون جو مون کي انديشو ٿيو ته ڪٿي الله پاڪ سندن جو رُوح مبارڪ قبض نه فرمائي ڇڏيو هجي، تنهنڪري مان سندن ويجھو ٿي کين غور سان ڏسڻ لڳس. جڏهن پاڻ پنهنجو سِرُ مبارڪ مٿي کنيو ته فرمايائون: اي عبدالرحمٰن! ڇا ٿيو؟ مون جواب ۾ پنهنجو خدشو ظاهر ڪيو، ته پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جبرئيلِ امين (عَلَیْهِ السَّلَام ) مون کي چيو: ڇا اوهان کي هيءَ ڳالھ خوش نٿي ڪري ته الله پاڪ فرمائي ٿو: جيڪو اوهان تي دُرُودِ پاڪ پڙھندو مان ان تي رحمت نازل ڪندس ۽ جيڪو اوهان تي سلام موڪليندو مان ان تي سلامتي نازل ڪندس([1])

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                          صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیّات عملن جو دارو مدار نيتن تي آهي۔ ([2])

اي عاشقانِ رسول! سٺي نيت جنَّت ۾ داخِل ڪرائيندي آهي۔ اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا! مان نيتون ڪرايان ٿو، اوهان


 

 



[1]... مسند احمد،حدیث عبد الرحمن بن عو ف الزھری،جلد:1، صفحہ:406،حدیث:1662۔

[2]... بخاری، کِتَاب بَدءُ الْوَحی، صفحہ:65، حدیث:1۔