Book Name:Dhal Jaaye Gi Yeh Jawani

اوهان موقعي به موقعي سمجھائيندا رهو، دل ئي دل ۾ ان بابت ڪُڙھندا رهو، اِنْ شَآءَ اللهُ الْکَرِیْم! هڪ ڏينهن اهو اوهان جي دعوت ضرور قبول ڪندو پر ڪنهن جي پٺيان ايترو به نه پئو جو بيزار ٿي اهو اوهان کان دوري اختيار ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃي.

دين سان گڏ دنيا کي به ساڻ کڻي هلڻ گھرجي

ڪجھ ماڻهو دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته اسلامي ڀائرن کي هن طرح سمجھائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته ملا بڻيا وتو ٿا، معاشري سان گڏ نٿا هلو حالانڪه دين سان گڏ دنيا به کڻي هلڻ گھرجي وغيره وغيره.

اهڙن کي عرض آهي ته دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته اسلامي ڀائرن به دنيا ناهي ڇڏي، اهي به ٻين ماڻهن وانگر پنهنجن ٻارن ٻچن جي ڪفالت ڪندا، رزقِ حلال ڪمائيندا ۽ کائيندا آهن.

پيارا اسلامي ڀائرو! اوهان بيان جي شروعات ۾ ڪجھ نوجوانن جي موت سان متعلق عبرتناڪ واقعا ٻڌا. افسوس! آئي ڏينهن نوجوانن جا عبرتناڪ موت واقع ٿيندا رهن ٿا. ان ضمن ۾ هڪ ٻيو عبرت انگيز واقعو ٻڌو! جيئن ته تمام پراڻي ڳالھ آهي ته هڪ نوجوان اميرِ اهلِ سنت، مولانا محمد الياس قادري   دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه  جو آڊيو بيان ” زمیں کھا گئی نوجواں کیسے کیسے “ ٻڌو ته پاڻ دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه  جي نالي هڪ خط لکي موڪليو، جنهن ۾ ان پنهنجي برادري جي هڪ نوجوان جي عبرتناڪ موت جو واقعو بيان ڪيو هو.  عبرت حاصل ڪرڻ لاءِ ان خط جي مضمون جو خلاصو پيش ڪجي ٿو، ٻڌو ۽ عبرت حاصل ڪريو:

هڪ نوجوان جو عبرتناڪ موت

ان نوجوان خط ۾ لکيو ته ڪراچي جي هڪ علائقي ۾ هر سال ميلو منعقد ڪيو ويندو آهي جتي 8 ڏينهن تائين مختلف وقتن تي خوب دهل وڄندا آهن ۽ مردَ ۽ عورتون گڏجي نچندا آهن. اسان جي خاندان جا ماڻهو به هر سال پابندي سان ميلي ۾ شرڪت ڪندا، نچندا ۽ دهل وڄائيندا آهن. برادري وارن جي ناراضگي کان بچڻ لاءِ نه چاهيندي به هڪ ڀيري مان به مسلسل 3 ڏينهن تائين