Book Name:Dhal Jaaye Gi Yeh Jawani

پيءُ جو سهارو ناهي بڻجي سگھندو ڇو ته ان کي ماءُ پيءُ جي اهميت جي باري ٻڌايو ئي ناهي ويندو. ياد رکو! * ماءُ پيءُ جي اهميت سائنسدان ناهن ٻڌائيندا * ڊاڪٽرن جي ڊگرين ۾ ماءُ پيءُ جي اهميت ناهي ٻڌائي ويندي  * انجنيئرنگ جو پورو ڪورس ڏسي وٺو ان ۾ ماءُ پيءُ جي اهميت نه ملندي. جيڪڏهن ماءُ پيءُ چاهين ٿا ته واقعي اولاد انهن جي پوڙهائپ جو سهارو بڻجي ته پنهنجي اولاد کي قرآن و حديث پڙھايو ڇو ته قرآن و حديث ۾ ماءُ پيءُ جي اهميت ٻڌائي وئي آهي. اهڙي طرح پنهنجي اولاد کي دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀرين اجتماعن ۾ شرڪت ڪرايو ته انهن ۾ به ماءُ پيءُ جي اهميت ٻڌائي ويندي آهي.

ڪٿي اسان جو پٽ مولوي نه بڻجي وڃي

افسوس! اڄڪلهه گھڻا ئي ماءُ پيءُ جڏهن پنهنجن ٻچن کي سنتن ڀرئي اجتماعن ۾ ايندي ويندي ۽ عمامو شريف سجائيندي ڏسندا آهن ته انهن کي فڪر ٿيندو آهي ته ديني ماحول سان وابسته ٿيڻ سبب ڪٿي اسان جو ٻار مولوي بڻجي پنهنجو روشن مستقبل اونداهو نه ڪري ويهي! افسوس! انهيءَ فڪر ۾ مبتلا ٿي ماءُ پيءُ پنهنجن ٻارن کي سنتن ڀرين اجتماعن ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ عمامو شريف سجائڻ کان روڪي ڇڏيندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته روشن مستقبل جي فڪر ۾ مبتلا ماءُ پيءُ پنهنجي جنهن پٽ کي ديني ماحول کان پري ڪندا آهن اهو ئي پٽ ڪنهن حادثي يا بيماري جو شڪار ٿي عين جواني جي عالم ۾ هن فاني دنيا مان رخصت ٿي ويندو آهي. ان سلسلي ۾ هڪ عبرت انگيز واقعو پيشِ خدمت آهي

فوڊ پوائزن سان هڪ نوجوان جو موت

هڪ 15 يا 17 سالن جي نوجوان دعوتِ اسلامي جي اولين مدني مرڪز جامع مسجد گلزارِ حبيب ۾ رمضان شريف جي آخري عشري جي اعتڪاف جي سعادت حاصل ڪئي، جنهن جي برڪت سان اهو هفتيوار سنتن ڀرين اجتماعن ۾ شرڪت ڪرڻ لڳو ۽ ان پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پياري پياري سنت عمامو شريف به مٿي تي سجائي ورتو. ائين ٿيندي ڏسي روشن مستقبل جو فڪر ڪرڻ وارن والدين کي پنهنجي ٻار جو مستقبل