Book Name:Dhal Jaaye Gi Yeh Jawani

ٻيڙي ۾ سوار ٿي واپس اچي رهي هئي ته اوچتو هڪ طوفاني لهر آئي ۽ ان ٻيڙي کي اونڌو ڪري ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ گھوٽ ڪنوار سميت 15 ڄڻا ٻڏي موت جو شڪار ٿي ويا.

  اي عاشقانِ رسول! هرگز ائين نه سوچجو ته پهريان شادين ۾ عبرت انگيز واقعا رونما ٿيندا هئا هاڻي نٿا ٿين ڇو ته ڄڃ ٻڏڻ جو واقعو ڪجھ سال پهريان جو آهي. ڏسو! جنهن جي شادي هوندي آهي ان کي پنهنجي شادي جي تمام گھڻي خوشي هوندي آهي ۽ شادي جون رسمون ادا ڪرڻ کانپوءِ جڏهن ڄڃ واپس اچي رهي هوندي آهي ته گھوٽ کي وڌيڪ خوشي ٿيندي آهي، افسوس! انهيءَ خوشي سان گڏ ڄڃ واپس اچي رهي هئي ته اوچتو موت جي هڪ ڌڪ گھوٽ ڪنوار ۽ ڄاڃين کي هميشه هميشه جي لاءِ موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو، انهن جون خوشيون ڦُري ورتيون ۽ انهن جي سڀني ارمانن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو.

پوڙها ٿي عبادت ڪنداسين

اڄ جا نوجوان هن غلط فهمي ۾ آهن ته اڃا اسان جوان آهيون جڏهن پوڙها ٿينداسين تڏهن * نمازون پڙھنداسين * عبادت جي خاطر مسجد ۾ پيا هونداسين * تسبيح پڙھنداسين * هينئر فجر ۾ سستي ٿي ويندي ته پوڙها ٿي تهجد به ادا ڪنداسين، ايئن پوڙهائپ ۾ خوب عبادت ڪري جواني ۾ ڪيل غفلتن ۽ ڪوتاهين جي ڪمي پوري ڪنداسين.

نوجوانن کي پنهنجي ذهن مان هي خيال ڪڍي ڇڏڻ گھرجي ته اهي پوڙها ٿيندا ڇو ته هن ڳالھ جي ڪا گارنٽي ناهي ته ڪير ڪڏهن مرندو؟ جن جي دل ۾ پوڙهائپ جي خواهش آهي انهن کي ياد رکڻ گھرجي ته صرف پوڙها ئي ناهن مرندا جوانن کي به موت ايندو آهي. عين ممڪن آهي ته پوڙهائپ جي خواهش رکندڙ جوانن کي پوڙهائپ جي ڏاڪڻ تي قدم رکڻ ئي نصيب نه ٿئي ۽ اهي موت جو شڪار ٿي اونداهي قبر ۾ وڃي پهچن. افسوس! روڊ تي هلندڙ اسڪوٽر، ڪارون ۽ آئل ٽينڪر نه ڄاڻ ڪيترن ئي نوجوانن جي زندگين جا ڏيئا وسائي ڇڏيندا آهن، جيئن ته