Book Name:Dhal Jaaye Gi Yeh Jawani

پيارا اسلامي ڀائرو! جيڪو هن دنيا مان رخصت ٿيندو آهي ان لاءِ دنيا جون رونقون، رونقون ناهن رهنديون، دنيا جا هنگاما، هنگاما ناهن رهندا، ملڪ ۾ ڪنهن به قسم جو انقلاب اچي مرڻ واري کي ان سان ڪو سروڪار ناهي هوندو، بس اهو ويچارو دل ۾ گھڻيون ئي تمنائون کڻي اونداهي ۽ اونهي قبر ۾ وڃي پهچندو آهي.

بدقسمتي سان اڄڪلھ مسلمان ان ڪري پاڻ ۾ وڙھي رهيا آهن جو  اسان جو تعلق فلاڻي قوم ۽ فلاڻي قبيلي سان آهي ۽ اسان فلاڻي زبان ڳالهائڻ وارا آهيون تنهنڪري اسان کي پنهنجا حق ملڻ گھرجن، حالانڪه حقيقت هيءَ آهي ته جيڪڏهن لساني، نسلي ۽ علائقائي اختلاف مٽائي سڀئي مسلمان هڪ ٿي وڃن ته سڀئي نفرتون ختم ٿي وينديون، سڀني کي پنهنجا پنهنجا حق ملندا ۽ مسلمان سرخرو ٿيندا.

افسوس! اڄ مسلمان تباهه حال آهن! سمجھايو ته سمجھڻ لاءِ تيار ناهن ٿيندا. يقين ڄاڻو! ان وقت وڏي تڪليف ٿيندي آهي ته جڏهن ڪنهن مسلمان کي آخرت جو خوف ڏياريو وڃي يا نماز پڙھڻ جي ترغيب ڏياري وڃي يا دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀرين اجتماعن ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وڃي ته اهو بيزاري سان هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳندو آهي، ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏيندو آهي ۽ ڳالھ بدلائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.

مبلغن کي همت نه هارڻ گھرجي

نيڪي جي دعوت ڏيڻ وارن کي گھرجي ته ڪو انهن جي ڳالهين تي توجهه ڏئي يا نه ڏئي يا برو ڀلو ڪجھ به چوي، بس اهي صبر جو دامن جھليندي هن انداز سان نيڪي جي دعوت ڏين ته سامهون واري ۾ موجود شيطاني جذبو ٿڌو ٿي وڃي. ڏسو! جڏهن شيطاني جذبو ٿڌو ٿيندو ته شرارت ۽ مستي خود بخود ختم ٿي ويندي ۽ اهو ڳالھ کي غور سان ٻڌندو، ايئن اِنْ شَآءَ اللهُ الْکَرِیْم! نيڪي جي دعوت ڏيڻ وارا پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويندا. 

 ياد رکو! جنهن کي اوهان نيڪي جي دعوت پيش ڪيو ضروري ناهي ته اهو پهرئين يا ٻئي ڀيري ۾ ئي اوهان جي دعوت قبول ڪري وٺي تنهنڪري