Book Name:Dhal Jaaye Gi Yeh Jawani
شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنت مولانا الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه سوالن جا جواب به عنايت فرمائيندا. تمام ذميدارَ ۽ عاشقانِ رسول هن مدني مذاڪري ۾ پاڻ به شرڪت فرمائن ۽ ٻين کي به ان جي دعوت ڏين * شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه هر هفتي هڪ ديني رسالو پڙھڻ جي ترغيب ارشاد فرمائيندا آهن، ايندڙ هفتي جي مدني مذاڪري ۾ رسالو ”طبي ۽ روحاني علاج“ جو اعلان ڪيو ويندو. هي رسالو پاڻ به پڙھو! ٻين کي به ترغيب ڏياريو ۽ سوشل ميڊيا مثلاً واٽس ايپ وغيره تي رضاءِ الٰهي ۽ ثواب لاءِ ٻين ڏانهن به شيئر (Share) ڪيو! * مڪتبة المدينه اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان جي ڀاءَ مولانا حسن رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ڪربلا جي واقعي جي باري ۾ درست معلومات تي مشتمل ڪتاب ”آئينه قيامت شايع ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪئي آهي. توهان هن ڪتاب کي مڪتبة المدينه جي ڪنهن به شاخ تان 100 رپين ۾ حاصل ڪيو، پاڻ به پڙھو! ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريو!
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي، سنت جي فضيلت ۽ چند آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو. تاجدارِ رسالت، شہنشاہِ نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنت ۾ منهنجي ساتھ هوندو. ([1])
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: سڀني سرمن ۾ بهتر سرمو اثمد آهي جو اهو نگاھ کي روشن ڪندو ۽ پلڪون ڄمائيندو آهي. ([2])
اي عاشقانِ رسول! پٿر جو سرمو استعمال ڪرڻ ۾ حرج ناهي ۽ ڪارو سرمو يا ڪجل بقصدِ زينت (يعني خوبصورتي جي نيت سان) مرد کي لڳائڻ