Book Name:Dhal Jaaye Gi Yeh Jawani
پيارا اسلامي ڀائرو! زندگي جو حقيقي مقصد بئنڪ بيلنس بڻائڻ ناهي بلڪ عبادت جي ذريعي رضاءِ الٰهي حاصل ڪرڻ ۽ ثوابِ آخرت ڪمائڻ آهي. جيڪي ماڻهو بئنڪ بيلنس بڻائي دنيا مان رخصت ٿيا اهو انهن جي ڪهڙي ڪم آيو؟ اسان جا بزرگانِ دين رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْہم هن خوف سان مال جمع نه ڪندا هئا ته ڪٿي ائين نه ٿئي جو دنيا مان رخصت ٿيڻ کانپوءِ اسان جا ٻار اسان جي جمع ڪيل مال سان گناهن ۾ مبتلا ٿي وڃن ۽ اسان گناهن جي معاملي ۾ انهن جا مددگار شمار ڪيا وڃون.
حضرت عمر بن عبدالعزيز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي وصالِ ظاهري جو جڏهن وقت آيو ته ماڻهن عرض ڪيو: پنهنجن ٻارن لاءِ ڪجھ ڇڏي وڃو ها ته سٺو ٿئي ها. پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ارشاد فرمايو: جيڪڏهن منهنجا ٻار گنهگار آهن ته مان انهن لاءِ مال ڇڏي گناهن تي انهن جو مددگار نٿو بڻجڻ چاهيان ۽ جيڪڏهن منهنجا ٻار نيڪ آهن ته انهن کي منهنجي دولت جي حاجت ناهي، الله انهن لاءِ ڪافي آهي. ([1])
اي عاشقانِ رسول! ڏٺو اوهان! اسان جي اسلاف (اڳين نيڪ بزرگن) جي ڪيڏي نه مدني سوچ هوندي هئي، جڏهن ته اسان جي سوچ ان جي ابتڙ آهي؟ اسان پنهنجو بئنڪ بيلنس وڌائڻ لاءِ خوب ڪوڙ ڳالهائيندا، رشوتون وٺندا، هڪ ٻئي کي ڌوڪو ڏيندا ۽ ملاوٽ وارو مال وڪرو ڪندا آهيون ۽ پوءِ هن طرح سان جمع ڪيل مال جو آخر ٿيندو ڇا آهي؟ اهو ئي ته اهڙو مال آخرت جي وبال جو سامان بڻبو آهي ۽ هڪ ڏينهن ٻانهو ان کي ڇڏي اوچتو دنيا مان رخصت ٿي ويندو آهي. جيئن ته
تمام پراڻي ڳالھ آهي ته هڪ سيٺ وٽ مال خريد ڪرڻ لاءِ آمريڪا مان تمام وڏو تاجر آيو، سيٺ کي ان جي اچڻ جي ايتري خوشي ٿي جو خوشي سان ان جو هارٽ فيل ٿي ويو ۽ ان اتي ئي دم ڏئي ڇڏيو.