Book Name:Dhal Jaaye Gi Yeh Jawani
ايتري تائين جو 7 مهينا اهڙي طرح گذري ويا. هڪ ڀيري حسب معمول پنهنجي ڀاءُ جي قبر تي ويو ته ان قبرستان جي سناٽي مان هڪ غيبي آواز ٻڌو جيڪو هڪ عربي شعر تي مشتمل هو:
يَا أَيُّهَا الْبَاكِي عَلَى غَيْرِهِ نَفْسَكَ أَصْلِحْهَا وَلَا تَبْكِهِ
إِنَّ الَّذِي تَبْكِي عَلَى أَثَرِهِ تُوشِكُ أَنْ تَسْلُكَ فِي سِلْكِهِ
ترجمو: اي ٻئي تي روئڻ وارا! ان تي نه رؤ پنهنجي اصلاح جو فڪر ڪر! تون پنهنجي ڀاءُ تي روئي رهيو آهين حالانڪ عنقريب تون پاڻ به انهيءَ صف ۾ شامل ٿي ويندين (يعني عنقريب تنهنجو نالو به مئلن جي فهرست ۾ اچي ويندو ۽ توکي به مرحوم چيو ويندو).
جڏهن وڏي ڀاءُ هي آواز ٻڌو ته ان تي ڏڪڻي طاري ٿي وئي ۽ اهو گھر موٽي آيو، پوءِ 3 ڏينهن بعد ان جو به انتقال ٿي ويو ۽ ان کي پنهنجي ننڍي ڀاء جي ڀر ۾ دفن ڪيو ويو. ([1])
اي ڪاش! پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي عشق ۾ اسان جي جان نڪري! ان ضمن ۾ هڪ عاشقِ رسول نوجوان جي موت جو ايمان افروز واقعو ٻڌو! ۽ ان جي قسمت تي رشڪ ڪريو.
اميرِ اهلِ سنت، مولانا محمد الياس قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه بيان فرمائن ٿا: هڪ ڀيري مان مسجد نبوي شريف ۾ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي قدمن شريفن ڏانهن منهن ڪري باادب ويٺو هيس ته ايتري ۾ هڪ نوجوان منهنجي ويجھو آيو ۽ پنهنجو تعارف ڪرائيندي چوڻ لڳو: منهنجو نالو غلام سرور آهي، منهنجو تعلق پاڪستان جي صوبي پنجاب سان آهي، مان ڪم جي سلسلي ۾ هتي آيو آهيان ۽ تقريبن چار سالن کان مقيم آهيان. بهرحال ڪجھ دير ان سان ڳالھ ٻولھ ٿي، اهو هليو ويو ۽ پوءِ ڪڏهن ڪڏهن ايندي ويندي ان سان ملاقات ٿيندي رهندي هئي. هڪ ڀيري ملاقات ٿي