Book Name:Dhal Jaaye Gi Yeh Jawani

جي محفل قائم ڪئي، ان گھر جي ڀرسان ئي قبرستان هو، رات جو جڏهن هي محفل پنهنجي عروج تي هئي ته اوچتو ماڻهن قبرستان مان هڪ خوفناڪ آواز ٻڌو جنهن سان سندن دليون ڏڪي ويون ۽ اهي ائين خاموش ٿي ويا ڄڻ ته انهن کي نانگ ڏنگي ويو هجي، پوءِ قبرستان مان ڪنهن هي شعر پڙھيا:

یَااَہْلَ لَذَّۃِ لَہْوٍ لَاتَدُوْمُ لَہُمْ                                                                             اِنَّ المَنَایَا تُبِیْدُ اللَّہْوَ وَاللَّعِبَا

کَمْ مَّنْ رَاَیْنَاہُ مَسْرُوْرًا بِلَذَّتِہٖ                                                              اَمسٰی فَرِیْدًا مِّنَ الْاَہْلِیّٖنَ مُغتَرِبَا

ترجمو: يعني اي ناپائيدار راند روند جي لذتن ۾ مشغول رهڻ وارؤ! موت سموري راند روند کي ختم ڪري ڇڏي ٿو، ڪيترا ئي اهڙا هئا جن کي اسان هن لذت ۾ مست ڏٺو پر اهي پنهنجن ساٿين کان جدا ٿي دنيا ڇڏي ويا.

حضرت سعيد بن هاشم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: خدا جو قسم! اڃا ڪجھ ئي ڏينهن گذريا هئا ته گھوٽ جو انتقال ٿي ويو. ([1])

پيارا اسلامي ڀائرو! هر نوجوان جي خواهش هوندي آهي ته مان شادي جهڙي پياري پياري سنت ادا ڪيان پر شادي جي تقريب (رسم) جي موقعي تي شايد مسلمان خدا کي وساري ڇڏيندا آهن. اوهان پنهنجي زندگي ۾ هزارين شاديون ڏٺيون هونديون پر صرف هڪ شادي اهڙي ڏيکاريو جيڪا صرف الله پاڪ ۽ ان جي پياري حبيب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي رضا جي خاطر، شريعت جي دائري ۾ رهندي انجام تي پهتي هجي، بلڪه خود اوهان جي پنهنجي گھرن ۾ به شاديون ٿيون هونديون ۽ اوهان به رقص و سرور (يعني ناچ گانن) جون محفلون سجايون هونديون، ته هاڻي ٿورو پنهنجي انجام کي هن سو سال پراڻي واقعي جي آئيني ۾ ڏسو ۽ عبرت حاصل ڪيو! ممڪن آهي ڪنهن جي ذهن ۾ هيءَ ڳالھ اچي ته هي ته سو سال پراڻو ۽ فرسوده واقعو آهي اڄڪلھ ائين ڪٿي ٿيندو آهي؟ اچو ڪجھ سال پهريان جو واقعو ٻڌو ۽ پنهنجي اندر فڪرِ آخرت پيدا ڪيو! جيئن ته ڪجھ سال پهريان هڪ اخبار ۾ هن طرح جي خبر شايع ٿي هئي ته

گھوٽ ڪنوار سميت ڄڃ ٻڏي وئي

 بنگلاديش ۾ هڪ ڄڃ ميمن سنگ کان شادي جون رسمون ادا ڪرڻ کانپوءِ


 

 



[1]... شرح الصدور،باب زیارة القبور...الخ،صفحہ:217۔