Book Name:Dhal Jaaye Gi Yeh Jawani

روزانو جائزو وٺڻ جو انعام

هڪ اسلامي ڀاءُ جو چوڻ آهي ته الحمدلله! مون کي نيڪ اعمال سان پيار آهي ۽ ان جي ذريعي روزانو پنهنجو جائزو وٺڻ منهنجو معمول آهي. هڪ ڀيري مان دعوتِ اسلامي جي قافلي ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ صوبي بلوچستان (پاڪستان) جي سفر تي هيس. ان دوران مون گنهگار تي ڪرم ٿي ويو. ٿيو ايئن جو رات جو جڏهن سُتس ته منهنجي ستل قسمت جاڳي پئي، پيارا آقا         صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم خواب ۾ تشريف وٺي آيا، اڃا جلون ۾ گم هيس ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: جيڪي قافلي ۾ روزانو نيڪ اعمال جي رسالي مان پنهنجو جائزو وٺندا آهن مان انهن کي پاڻ سان گڏ جنت ۾ وٺي ويندس.

شکریہ کیوں کر ادا ہو آپ کا یا مصطفےٰ                                       کہ پڑوسی خُلد میں اپنا بنایا شکریہ

اسلامڪ اي بڪ ايپلي ڪيشن جو تعارف

اي عاشقانِ رسول! دعوتِ اسلامي جي آئي ٽي ڊپارٽمينٽ جي طرفان اسلامڪ اي بڪ لائبريري ايپلي ڪيشن متعارف ڪرائي وئي آهي، هن ايپلي ڪيشن ۾ هي بهترين آپشنز (Options) موجود آهن: Aدعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جا شايع ٿيل تقريبن سڀئي ڪتاب ۽ رسالا (تقريبن 43 زبانن ۾) هن ايپليڪيشن جو حصو آهن * هفتيوار اجتماع ۾ ٿيندڙ تحريري بيان * ماهوار مدني مشورن جا مدني گل ۽ مدني مذاڪري جا سوال جواب (مختصراً) به هن ايپلي ڪيشن ۾ شامل ڪيا ويندا آهن. اڄ ئي هن ايپلي ڪيشن کي ڊائون لوڊ ڪري وٺو! ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريو!

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                          صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

چند ضروري اعلان

 * هر هفتي اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه  مدني چينل تي لائيو هفتيوار مدني مذاڪرو فرمائن ٿا، ايندڙ هفتي  به رات عشاء جي نماز کان پوءِ تقريباً 9 لڳي 45 منٽن تي مدني چينل تي اِنْ شَآءَ اللهُ الْکَرِیْم! هفتيوار مدني مذاڪرو ٿيندو، جنهن ۾