Book Name:Dhal Jaaye Gi Yeh Jawani

محمد الياس قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه  جا ڪتب و رسائل ۽ تحريري بيانن جي گلدستي جو مطالعو بيحد مفيد آهي، پاڻ هي ڪتاب و رسائل ۽ تحڙيري بيان دعوتِ اسلامي جي ويب سائيٽ www.dawateislami.net تان لوڊ ڪري پاڻ به ٻڌو ۽ پنهنجن گھر وارن کي به ترغيب ڏياريو.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                          صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: نيڪ اعمال

پيارا اسلامي ڀائرو! نيڪ بڻجڻ، گناهن کان بچڻ ۽ نيڪين تي استقامت حاصل ڪرڻ لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تنظيم دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن ۾ به خوب حصو وٺو! ان جي برڪت سان اِنْ شَآءَ اللهُ الْکَرِیْم! دين ۽ دنيا جون بيشمار ڀلايون نصيب ٿينديون. ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم آهي: نيڪ اعمال جي رسالي مان روزانو جائزو وٺڻ.

* پنهنجي اصلاح ڪرڻ ۽ پاڻ کي شيطان کان بچائڻ جو بهترين طريقو اهو ئي آهي ته اسان پنهنجين عادتن، پنهنجي ڪردار ۽ پنهنجن عملن جو جائزو وٺون. دورِ حاضر ۾ اميرِ اهلسنت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه  پنهنجو جائزو وٺڻ جو آسان طريقو ڏنو آهي: رسالو نيڪ اعمال * وڏي عمر جي اسلامي ڀائرن لاءِ نيڪ اعمال رسالي ۾ 72 سوال جواب لکيل آهن * هر سوال جي هيٺان 30 خانا آهن * روزانو سوال پڙھي پنهنجو جائزو وٺڻو هوندو آهي ۽ خانا ڀرڻا هوندا آهن * درست اسلامي زندگي گذارڻ جو هي بهترين نسخو آهي * ان جي ذريعي نه ڄاڻ ڪيترن جي اصلاح ٿي چڪي آهي. اوهان به هي رسالو خريد ڪريو! نيڪ اعمال جي مطابق روزانو جائزو وٺو! اِنْ شَآءَ اللهُ الْکَرِیْم! تمام گھڻو فائدو ٿيندو * اخلاق سنوري ويندا *ڪردار سٺو ٿيندو            * عادتون بهتر ٿينديون * نيڪين تي استقامت ملندي * گناهن کان نفرت ٿيندي * دل روشن ٿيندي * محبتِ الٰهي نصيب ٿيندي * عشقِ رسول ۾ اضافو ٿيندو * روحانيت ملندي ۽ * فڪرِ آخرت نصيب ٿيندي.