Book Name:Dhal Jaaye Gi Yeh Jawani

گڏوگڏ پنهنجي قبر روشن ڪرڻ جو به فڪر لاحق ٿئي. معاشري ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته گھڻن ماڻهن کي پنهنجي آخرت جو ڪو فڪر ناهي هوندو ايتري تائين جو اهي ان حوالي سان سوچڻ ۽ ان موضوع تي گفتگو ڪرڻ يا ٻڌڻ لاءِ به تيار ناهن هوندا.

 افسوس! اسان وٽ تقريبن سڀني معاملن ۾ دنيا کي مقدم ۽ پيشِ نظر رکيو ويندو آهي * اوهان ملڪي ۽ شهري نظام ڏسو سڀني ۾ دنياوي زندگي جي اصلاح جو ڪجھ نه ڪجھ اهتمام ضرور آهي پر ديني زندگي جي اصلاح جو ڪو اهتمام ناهي * اوهان کي اسڪول * ڪاليج * ۽ يونيورسٽين جا قيام نظر ايندا * راند روند جون ٽيمون ٺھندي نظر اينديون جن تي سالانه لکين بلڪ ڪروڙين رپيا خرچ ڪيا ويندا آهن پر ڇا دين لاءِ به ڪو اهڙو انتظام ڪيو ويو آهي؟ هرگز نه.

جيڪڏهن ڪجھ ادارا ٺهيل آهن ته انهن جو حال انتهائي برو آهي. اسان پاڻ پنهنجي باري ۾ غور ڪريون ته اسان کي پنهنجي ۽ پنهنجي اهل و عيال جي اصلاح جو ڪيترو فڪر آهي؟ حالانڪ قرآنِ پاڪ ۾ ان جو واضح طور تي حڪم ارشاد فرمايو ويو آهي جيئن ته سيپارو 28 سورت تحريم جي آيت نمبر 6 ۾ ارشادِ باري تعاليٰ آهي:

یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا قُوْۤا اَنْفُسَكُمْ وَ اَهْلِیْكُمْ نَارًا وَّ قُوْدُهَا النَّاسُ وَ الْحِجَارَةُ

ترجمو ڪنزالعرفان: اي ايمان وارؤ! پنهنجي جانين ۽ گهر وارن کي ان باهه کان بچايو جنهن جو ٻارڻ انسان ۽ پٿر آهن

دنيوي تعليم سان گڏ ديني تعليم به ڏياريو

اڄڪلھ ڪنهن کي پنهنجي اهل و عيال جي اصلاح جو فڪر آهي؟ ٻار ٿورو هوش سنڀاليندو آهي ته ماءُ پيءُ ان کي صرف دنيوي تعليم ڏياريندا آهن. بيشڪ پنهنجن ٻارن کي دنياوي تعليم ڏياريو پر ان سان گڏوگڏ ديني تعليم ڏيارڻ جو به اهتمام ڪريو، قرآن و حديث پڙھايو، سٺي ماحول ۾ موڪليو، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پياري پياري سنتن تي عمل ڪرڻ