Book Name:Dhal Jaaye Gi Yeh Jawani
هڪ ڀيري سپر هاءِ وي تي هڪ ڪار ۽ آئل ٽينڪر ۾ ٽڪر ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار زال مڙس ۽ انهن جا 2 ٻار ان وقت ئي چيڀاٽجي ويا.
اي جوانو! توهان ڪهڙي خوش فهمي ۾ مبتلا آهيو ۽ توهان کي ڪيئن يقين ٿي ويو ته پوڙهائپ ڏسڻ نصيب ٿيندي؟ جيڪڏهن توهان کي پوڙهائپ جي تمنا آهي ته * ٿورو پنهنجي گھر ۾ موجود ڪنهن پوڙهي جي جسماني حالت ڏسي وٺو * جيڪڏهن گھر ۾ ڪو پوڙهو ناهي ته رشتيدارن مان ڪنهن پوڙهي شخص کي ڏسي وٺو * جيڪڏهن اتي به ناهي ته پنهنجي پاڙيسرين جي ڪنهن پوڙهي ماڻهوءَ کي ڏسي وٺو * ۽ جيڪڏهن ڪٿي نٿو ملي ته اسپتال ۾ وڃي ڪنهن پوڙهي مريض کي ڏسي وٺو، خبر پئجي ويندي ته ويچارن پوڙهن جي ڪهڙي حالت هوندي آهي! افسوس! ويچارا * کائڻ پيئڻ * هلڻ ڦرڻ * ٻڌڻ ڏسڻ * ايتري تائين جو استنجا جي حوالي سان به محتاج هوندا آهن. ايترو ته سڀئي ڄاڻن ٿا ته پوڙهائپ بيمارين جو ڳڙھ هوندو آهي پر افسوس! ان جي باوجود اسان جي معاشري ۾ پوڙهن سان همدردي نٿي ڪئي وڃي! ڪو انهن کي جِھڻڪي ٿو ته ڪو گِھلي ٿو ايتري قدر جو ويچارن سان پاڻ پنهنجو سڳو اولاد به نه ڪرڻ جهڙو سلوڪ ڪندو آهي.
پوڙهن سان اهڙو سلوڪ ڇو ٿي رهيو آهي؟
پوڙهن سان اهڙو سلوڪ ان ڪري ٿي رهيو آهي ته ماءُ پيءُ کي صرف پنهنجي اولاد جي روشن مستقبل جو فڪر هوندو آهي ته ڪنهن طريقي سان اسان جو ٻچو * پڙھي لکي هوشيار ٿي وڃي * موجوده زماني جي حساب سان هلي * ماڊرن ٿئي * ڊاڪٽر بڻجي * انجنيئر بڻجي * خوب پيسو گڏ ڪري پنهنجو مستقبل روشن ڪري * ۽ پوءِ اسان جي پوڙهائپ جو سهارو بڻجي. ماءُ پيءُ جي اهڙي سوچ ۽ ڪوشش سان ڪڏهن ڪڏهن دنياداري جي لحاظ سان ته ٻار جو مستقبل روشن ٿي ويندو آهي پر اهو پنهنجي پوڙهن ماءُ