Book Name:Dhal Jaaye Gi Yeh Jawani

جي ترغيب ڏياريو. ڏسو! * جڏهن اوهان پاڻ سنتن تي عمل نه ڪندا ته پنهنجن ٻارن کي ڪيئن ترغيب ڏياريندا؟ * جڏهن اوهان پاڻ چهري تي ڏاڙھي جهڙي پياري پياري سنت نه سجائيندا ته پنهنجن ٻارن کي ڏاڙھي رکڻ جي ترغيب ڪيئن ڏياريندا؟ * جڏهن اوهان پاڻ عمامو شريف نه سجائيندا ته پنهنجن ٻارن کي ڪيئن عمامي شريف سجائڻ جي تلقين ڪندا؟ * جڏهن اوهان پاڻ نمازن جي پابندي نه ڪندا ۽ نمازِ فجر جي وقت بستري تي ستل رهندا ته پنهنجن ٻارن کي نمازن جو پابند ڪيئن بڻائيندا؟ * جيڪڏهن اوهان پاڻ سگريٽ پيئندا ۽ پٽ کي منع ڪندا ته پٽ سوچيندو ته ابو پاڻ ته مزي سان سگريٽ پيئندو آهي پر مون کي روڪيندو آهي، ضرور ان ۾ ڪا خوبي هوندي، هاڻي اهو گهٽين ۾ لڪي لڪي سگريٽ پيئندو.

ياد رکو! جنهن نصيحت تي پيءُ پاڻ عمل ڪندو ان جو اثر ٻارن تي به ٿيندو ۽ جنهن نصيحت تي اهو پاڻ عمل نه ڪندو ٻارن تي به ان جو اثر نه ٿيندو. ڏسو! جيڪڏهن اوهان ٻارن جي سامهون نماز پڙھندا رهندا ته هاڻي جيتوڻيڪ اوهان انهن کي نماز پڙھڻ جو نه چئو پوءِ به اهي اوهان کي ڏسي ڪري نماز پڙھڻ شروع ڪري ڏيندا ۽ انهيءَ انداز سان رڪوع ۽ سجدا ڪندا جيئن اوهان ڪندا آهيو.

نماز ۾ خشوع و خضوع

اي عاشقانِ رسول! اسان جا بزرگانِ دين رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْہم نماز پڙھڻ جو حق ادا ڪري ويا، اسان کي انهن جهڙيون نمازون پڙھڻ ڪٿي اينديون آهن؟ افسوس! انهن جهڙو خشوع و خضوع اسان جي نمازن ۾ ڪٿي؟ اسان جڏهن نماز پڙھڻ شروع ڪندا آهيون ته اسان کي طرح طرح جون سوچون لاحق ٿي وينديون آهن مثلاً * جلدي جلدي نماز پڙھڻي آهي ڇو ته دڪان تي گراهڪ انتظار ڪري رهيا آهن * اهڙي طرح اسان نماز ۾ اهو به سوچي رهيا هوندا آهيون ته واپسي تي اسان کي دڪان تان فلاڻي شيءِ خريد ڪرڻي آهي يا فلاڻي دڪاندار جو تمام گھڻو قرض ڏيڻو آهي هاڻي ان جي سامهون ڪيئن لنگھون؟ تنهنڪري گهٽي بدلائي گھر وينداسين وغيره وغيره. غور ڪريو! جڏهن هن طرح جا خيال نماز ۾ ايندا ته اسان ڪيئن خشوع و خضوع حاصل ڪري سگھنداسين؟