Book Name:Dhal Jaaye Gi Yeh Jawani
هن ميلي ۾ شريڪ ٿيس پر مان اتي ويندو هيس ۽ ڪنهن بهاني جلد واپس گھر موٽي ايندو هيس. هڪ ڏينهن ائين ٿيو ته سڀئي موالي گڏ هئا، سگريٽ نوشي هلي رهي هئي، مرد ۽ عورت بدمست ٿي نچي رهيا هئا، ايتري ۾ اسان جي برادري جي هڪ نوجوان کي خوب جوش آيو ۽ اهو مدھوش ٿي نچندي، نچندي ميلي جي ويجھو مين روڊ تي وڃي پهتو، ڏسندي ئي ڏسندي اتي ان کي هڪ تيز رفتار بس چيڀاٽي وڌو جنهن جي نتيجي ۾ اهو ويچارو ڀرپور جواني جي عالم ۾ عبرتناڪ موت جو شڪار ٿي ويو. الله پاڪ ان نوجوان جي مغفرت فرمائي. اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .
اي عاشقانِ رسول! معاشري ۾ نيڪ ۽ بد هر طرح جا ماڻهو موجود آهن تنهنڪري اسان کي نيڪ ماڻهن سان گڏوگڏ گنهگار مسلمانن سان به همدردي هئڻ گھرجي بلڪ پاڻ کي گنهگار سمجھندي عاجزي اختيار ڪرڻ گھرجي ته اهو ئي اسان جي اسلاف جو طريقو آهي. اسان جا بزرگانِ دين رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْہم الله پاڪ جا نيڪ ۽ مخلص ٻانها هجڻ جي باوجود پاڻ کي گنهگار سمجھندا هئا ۽ خوب عاجزي اختيار ڪندا هئا.
مون کان اڳ ڪو به نڪري نه سگھندو
حضرتِ مالڪ بن دينار رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: جيڪڏهن ڪو مسجد جي دروازي تي بيھي اعلان ڪري ته توهان مان جيڪو سڀ کان برو آهي اهو ٻاهر نڪري وڃي ته خدا جو قسم! مون کان پهريان ڪو به نڪري نه سگھندو پر اهو ته ڪو پنهنجي طاقت جي زور تي يا ڊوڙڻ ۾ مون کان اڳرائي ڪري وڃي. ([1])
سُبْحٰنَ الله! حضرتِ مالڪ بن دينار رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي ڪيڏي نه عاجزي هئي! بزرگن جا اهڙا واقعا ان ڪري بيان ڪيا ويندا آهن ته جيئن اسان جهڙن گنهگار مسلمانن کي عبرت حاصل ٿئي، اسان جون پاڻ کي نيڪ سمجھڻ جهڙيون خوش فهميون دور ٿين ۽ اسان کي پنهنجي روشن مستقبل جي آرزو سان