Book Name:Dhal Jaaye Gi Yeh Jawani

مڪروه آهي ۽ زينت مقصود نه هجي ته ڪراهت ناهي، سرمو رات جو سمهڻ وقت استعمال ڪرڻ سنت آهي *  سرمو استعمال ڪرڻ جي 3 منقول طريقن جو خلاصو پيشِ خدمت آهي: (1): ڪڏهن ٻنهي اکين ۾ 3، 3 سرائيون (2): ڪڏهن ساڄي اک ۾ 3 سرائيون ۽ کاٻي اک ۾ 2، (3): ته ڪڏهن ٻنهي اکين ۾ 2، 2 ۽ پوءِ آخر ۾ هڪ سرائي کي سرمي واري ڪري ان کي ئي واري واري سان ٻنهي اکين ۾ لڳايو، هن طرح ڪرڻ سان اِنْ شَآءَ اللهُ الْکَرِیْم! ٽنهي طريقن تي عمل ٿيندو رهندو.

اي عاشقانِ رسول! تڪريم جا جيترا به ڪم هوندا هئا، اسان جا پيارا آقا    صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سڀ ساڄي طرف کان شروع ڪندا هئا، تنهنڪري پهريان ساڄي، پوءِ کاٻي اک ۾ سرمو لڳايو. ([1])

عجب نہیں کہ لکھا لوح کا نظر آئے!                                           جو نقشِ پا کا لگاؤں غبار آنکھوں میں([2])

مختلف سنتون سکڻ لاءِ مڪتةالمدينه جي بہارِ شريعت جلد:3، حصو:16، ۽ اميرِ اہلِ سنت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه  جو 100 صفحن جو کتاب "550 سنتون ۽ آداب" خريد ڪري  پڙهو، سنتون سکڻ جو بهترين ذريعو دعوتِ اسلامي جي قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان سنتن ڀرپور سفر پڻ آهي.

اُلفتِ مصطفےٰ اور خوفِ خُدا                                                                                                 چاہئے گر تمہیں قافلے میں چلو

عِلْم حاصِل کرو، جَہْل زائِل کرو                                                                                 پاؤ گے راحتیں قافلے میں چلو([3])

الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.  اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                          صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀري

اِجتِماع ۾ پڙهيا ويندڙ  6  درود شريف ۽  2 دعائون


 

 



[1]... 550سنتیں اور آداب، صفحہ:38۔

[2]... سامانِ بخشش، صفحہ:147۔

[3]... وسائلِ بخشش،صفحہ:669 ملتقطًا۔