Book Name:Dhal Jaaye Gi Yeh Jawani
پيارا اسلامي ڀائرو! جڏهن ڪو سرمائي دار دنيا مان رخصت ٿيندو آهي ته اخبارن ۾ ان جي نالي سان تعزيتي پيغام ڇاپيا ويندا آهن ۽ ان جي ياد ۾ مختلف جاين تي تعزيتي جلسا منعقد ڪيا ويندا آهن پر حقيقي معنيٰ ۾ ان سان همدردي ڪرڻ وارو ڪو ڪو هوندو آهي. عام طور تي تعزيت ڪرڻ جو مقصد اهو ئي هوندو آهي ته انتقال ڪرڻ واري سرمائي دار جو اولاد خوش ٿي وڃي ته جيئن آساني سان پنهنجا ڪم ڪرائي سگھجن، ته ايئن ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد صرف پنهنجي دنياوي مفاد جي خاطر تعزيت ڪندو آهي.
افسوس! دنيا وڏي بي وفا ۽ مطلبي آهي، تنهنڪري صرف الله پاڪ ۽ ان جي پياري حبيب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان محبت ڪيو نه ته دنيا وارن سان محبت ڪرڻ جي عيوض ڪجھ هٿ نه ايندو. جيڪڏهن اوهان ڪنهن سان دوستي ڪرڻ چاهيو ٿا ته الله پاڪ جي رضا حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيو ۽ جيڪڏهن پهريان کان دوستي آهي ته سوچيو! اها دوستي الله پاڪ جي رضا جي خاطر آهي يا ڪنهن ٻئي مقصد لاءِ؟ ڪٿي ان ڪري ته ناهي جو دوست اوهان تي پنهنجو مال خوب خرچ ڪندو آهي يا ان جو رنگ روپ اوهان کي سٺو لڳندو آهي يا لطيفا ٻڌائي اهو اوهان سان دل لڳي ڪندو آهي وغيره وغيره. جيڪڏهن اوهان ڪنهن سان ان ڪري دوستي رکي آهي ته اهو اوهان کي دين سيکاريندو آهي، سنتن تي عمل ڪرڻ جي ترغيب ڏياريندو آهي، نمازِ فجر جي ادائيگي لاءِ جاڳائيندو آهي ته اهڙي دوستي مرحبا! پر افسوس! هاڻي ماڻهن جي وڏي اڪثريت ذاتي ڪشش جي ڪري دوستي ڪندي آهي. افسوس! موت گھري کان گھري دوستي ختم ڪري ڇڏيندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن پاڻ ۾ گھري دوستي ٿوري ئي مدت ۾ موت جو شڪار ٿي دنيا مان رخصت ٿي ويندا آهن. ان ضمن ۾ هڪ عبرت انگيز واقعو ٻڌو!
گھري دوستي رکندڙ 2 ڀائرن جو موت
حضرتِ علّامه جلال الدين سيوطي شافعي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه نقل فرمائن ٿا: 2 ڀائرن جي پاڻ ۾ تمام گھري دوستي هئي، وڏو ڀاءُ اصفهان ويو ته ننڍي ڀاءُ جو انتقال ٿي ويو. جڏهن وڏو ڀاءُ اصفهان مان واپس آيو ۽ ان کي خبر پئي ته ننڍي ڀاءُ جو انتقال ٿي ويو آهي ته اهو تمام گهڻو ڏکارو ٿيو ۽ روزانو قبرستان ويندو رهيو