Book Name:Dhal Jaaye Gi Yeh Jawani

ته دورانِ گفتگو ان ٻڌايو ته هڪ ڀيري مون هڪ اهڙي نوجوان کي ڏٺو جنهن جو چهرو  تمام نوراني هو، اهو بابِ جبريل مان مسجد نبوي شريف ۾ داخل ٿيو، مان به ان جي پٺيان پٺيان هليو ويس، اهو بابِ جبريل کان کاٻي طرف هليو ويو، ڄڻ ته سرڪار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاھ ۾ حاضري ڏيڻ وڃي رهيو هو، هاڻي اهو سر جھڪائي هيبت ۽ ادب جو مجسمو بڻجي سائي ڄارين ڏانهن وڌي رهيو هو، جيئن ئي سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي قدمن شريفن جي سڌ ۾ پهتو ته اوچتو زمين تي ڪريو ۽ ان اتي ئي دم ڏئي ڇڏيو.

جب تری یاد میں دُنیا سے گیا ہے کوئی                               جان لینے کو دلہن بن کے قضا آئی ہے

اي عاشقانِ رسول! پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي قدمن شريفن ۾ دم ٽوڙڻ وارو نوجوان يقيناً وڏو خوش نصيب ۽ قابلِ رشڪ آهي! افسوس! جيڪو ويچارو فلم ڏسي سينيما گھر مان ٻاهر نڪري ۽ فائرنگ وغيره ڪنهن حادثي جو شڪار ٿي موت جي منهن ۾ هلي وڃي اهو بد نصيب ۽ قابلِ عبرت آهي!

الله پاڪ اهڙي موت کان اسان سڀني جي حفاظت فرمائي ۽ اسان کي گنبدِ خضرا جي سائي ۾  شهادت جو موت، جنت البقيع ۾ مدفن ۽ جنت الفردوس ۾ پنهنجي مدني حبيب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو پاڙو نصيب فرمائي.

اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .

پيارا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن اوهان پنهنجي دل ۾ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پياري پياري سنتن تي عمل ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪرڻ چاهيو ٿا ۽ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي محبت جا جام پيئڻ چاهيو ٿا ته عاشقانِ رسول جي ديني تنظيم دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، هن ماحول جي برڪت سان اِنْ شَآءَ اللهُ الْکَرِیْم! توهان سنتن جا پابند بڻجي ويندا، اوهان جي ذهن ۾ سرڪار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۽ مديني منور جون روشن يادون آباد ٿينديون ۽ اوهان کي پنهنجي آخرت سنوارڻ جو فڪر نصيب ٿيندو.

 پنهنجي اندر ۾ فڪرِ آخرت جو جذبو پيدا ڪرڻ لاءِ اميرِ اهلِ سنت، مولانا