Book Name:Jahannam Ki Sazaaen

فِرِشتے ڈانٹتے ہوں گے ہَتھَوڑے ما رتے ہوں گے                کرم کر دو یہ سب کیسے سہوں گا یارسولَ اللہ

وہاں سانپ اور بچّھو بھی مسلسل ڈَس رہے ہوں گے              کرم کر دو یہ سب کیسے سہوں گا یارسولَ اللہ

غِذا دوزخ کی تُھوہر اور اُوپر کَھولتا پانی                                   کرم کر دو یہ سب کیسے سہوں گا یارسولَ اللہ

نہ مانگے موت آئے گی نہ بیہوشی ہی چھائیگی                         کرم کر دو یہ سب کیسے سہوں گا یارسولَ اللہ

جو تم چا ہو گے تو ہوں گی مِر ی سب مُشکِلیں آساں                وَگرنہ نار میں،میں جا پڑوں گا یارسولَ اللہ

تمہارا ہوں غُلام اور ہے غلامی پر مجھے تو ناز                             کرم سے ساتھ جنّت میں چلوں گا یارسولَ اللہ

(وسائل ِبخشش مرمم،ص٣٢٤)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! غور ڪريو! اڄ دُنيا جي باھ سَهڻ جي ڪنهن ۾ طاقت ناهي ته جَهنَّم جي باھ ڪيئن برداشت ٿي سگھندي؟ تنهنڪري ڀلائي انهيء ۾ آهي ته جَهنَّم جي هولناڪين، پُل صِراط جي مُصيبَتن ۽ آخِرت ۾ پيش ايندڙ هوش اُڏائيندڙ حالتن کي سامهون رکندي انهن کان بچڻ جي ڪوشش ڪريو۔ حَضرتِ سَيدُنا امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اِرشادفرمائن ٿا: جيڪو دُنيا ۾ رهي قِيامَت جي باري ۾ گھڻو غور ۽  فِڪر ڪندو، اهو انهن هولناڪين کان گھڻو مَحفوظ رهندو۔ بيشڪ الله پاڪ ٻانهي تي ٻه خوف گڏ ناهي ڪندو، تنهنڪري جيڪو دُنيا ۾ انهن هولناڪين جو خوف رکندو اهو آخرت ۾ انهن کان مَحفُوظ رهندو ۽ خوف مان مُراد عَورتن جيان روئڻ پِٽڻ ناهي جو اکيون لڙڪ وهائن ۽ ٻڌڻ وقت دِل نَرم ٿي وڃي پوءِ توهان ان کي وساري پنهنجي راند روند ۾ مشغول ٿي وڃو۔ ان حالَت جو خوف سان ڪو تَعلُّق ناهي، بلڪ جيڪو شَخص جنهن شيء جو خوف رکندو آهي ان کان ڀڄندو آهي ۽ جنهن شيء جي اُميد رکندو آهي ان کي طَلَب ڪندو آهي۔ تنهنڪري توهان کي اهو ئي خوف نَجات ڏياريندو جيڪو الله پاڪ جي نافرماني کان روڪي ۽ ان جي عِبادت ۽ فرمانبرداري تي اُڀاري۔ (احياء العلوم،۵/۲۸۶۔۲۸۷)