Book Name:Jahannam Ki Sazaaen

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته شراب نوشي ڪرڻ وارا، والدين جي نافرماني ڪرڻ وارا، رشتيدارن سان قطع تعلقي ڪرڻ وارا ۽ پاڻ ۾ بغض ۽ ڪينو رکڻ وارا شبِ قدر جي برڪتن سان محروم رهندا آهن۔ غور ڪريو ته بيان ڪيل بُرائين مان ڪا برائي اسان ۾ ته موجود ناهي، ڇا اسان پنهنجي والدين جي دل نٿا ڏکايون؟، يا ڪنهن رشتيدار مثال طور ڀاءُ، ڀيڻ، چاچي، ماسڙ، مامن وغيره سان بلا وجه شرعي اڻبڻت ته ناهي؟ ڇا اسان جي سيني ۾ ڪنهن مسلمان جي لاءِ بغض ۽ ڪينو ته ناهي ڀريل؟ خدانخواسته جيڪڏهن ڪو هنن گُناهن ۾ گرفتار آهي ته ساھ بعد ۾ کڻي پهريان هنن گناهن کان پڪي توبه ڪري ۽ جنهن جنهن جا حق ضايع ڪيا آهن انهن کان معافي گھرڻ جي نِيت به ڪري، نه ته ياد رکو! هنن گناهن جو انجام ڏاڍو ڀيانڪ ٿيندو آهي۔

ياد رکو! ”شراب نوشي“دِين ۽ ايمان، جان ۽ مال ۽ صحت جي لاءِ نهايت تباھ ڪُن آهي، شراب تمام بُرائين جي جڙ آهي ڇوته شراب جي نشي ۾ انسان بدنگاهي، بدڪاري ۽ مختلف گناهن ۾ مُلوِّث ٿي پنهنجي دنيا ۽ آخرت برباد ڪندو آهي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

جامعة المدينه ۾ داخلي جي ترغيب:

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي جو شعبو جامعة المدينه للبنين (اسلامي ڀائرن جي لاءِ) جامعة المدينه للبنات (اسلامي ڀينرن جي لاءِ) علمِ دين جي شمع روشن ڪرڻ ۾ شب و روز مصروفِ عمل آهي۔ جامعات المدينه ۾ اميراهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي عطا ڪيل مدني گلن جي روشني ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي علمِ دِين جي نُور سان منور ڪرڻ سان گڏوگڏ تنظيمي ۽ اخلاقي تربيت به ڏني ويندي آهي، جامعةالمدينه مان فارغ ٿيندڙ مدني عالمن ۽ مَدَنِيه اسلامي ڀينرون دعوتِ اسلامي جي ڪئي شعبن ۾ خدمات سرانجام ڏئي رهيا آهن، اوهان به پنهنجن ٻارن، ڀينرن، ڀائرن ۽ عزيز واقارِب کي جامعة المدينه ۾ داخلي جي ترغيب ڏياريو۔ امير اهلسنت