Book Name:Jahannam Ki Sazaaen

وچ ۾ موت گهرندي پيا ڀڄندا ۽ ان کان جهنّمي به بيزار هوندا. ٭ غيبت ڪرڻ وارا سڀني کان اڳ ۾ جهنّم ۾ ويندا.

اچو! گڏجي جهنم کان آزادي ۽ شبِ قدر جي دعا ڪريون ٿا: اَللّٰھُمَّ اَجِرۡ نِيۡ مِنَ النَّار اي الله مون کي (جهنّم جي) باھ کان نجات عطا فرما

اَللّٰھُمَّ اِنَّک عَفُوٌّ تُحِبُّ الْعَفْوَفَاعْفُ عَنَّا اي الله! بيشڪ تُون معاف ڪرڻ وارو آهين، معاف ڪرڻ کي پسند ڪرين ٿو، پوءِ اسان کي معاف فرمائي ڇڏ۔

الٰہی! جَہَنَّم سے آزاد کر دے

میں     فِردَوس    میں    داخِلہ   مانگتا     ہوں

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

چنڊ رات جي مدني قافلن جي ترغيب

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! رمضان المبارڪ هاڻي ڪجھ ڏينهن جو مهمان رهي ويو آهي ۽ عنقريب اسان کان رخصت ٿيڻ وارو آهي۔ پوءِ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ عيدِ سعيد جي آمد آمد ٿيندي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هر سال اعتڪاف ڪرڻ وارا کوڙ اسلامي ڀائر ۽ ٻيا عاشقانِ رسول”پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش“ جي مقدس جذبي سان سرشار ٿي چنڊ رات جو 12 ماه، 1ماه، 12 ڏينهن يا3 ڏينهن جي لاءِ مدني قافلن جا مسافر ٿيندا آهن، تنهنڪري همت ڪريو ۽ چنڊ رات کان سفر ڪرڻ وارن خوش نصيب عاشقانِ رسول سان گڏ مدني قافلن جي لاءِ هاڻي کان نيت ڪري وٺو، پنهنجي ذمه داران سان رابطو ڪريو ۽ مدني قافلي جي لاءِ پنهنجو نالو لکرايو، بلڪ ممڪن هجي ته هٿو هٿ سفري اخراجات به جمع ڪرايو۔ الله ڪريم اسان کي چنڊ رات جومدني قافلي ۾ سفر ڪرڻ جي سعادت نصيب فرمائي۔  اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ