Book Name:Jahannam Ki Sazaaen
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ٻُڌو اوهان! دُنيا ۾ رهي آخرت جو خوف رکڻ سڀاڻي قيامت جي ڏينهن جي بهتري جو سبب بڻجندو۔ لهٰذا دنيا ۾ ئي خوفِ جهنم پيدا ڪريو! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ آخرت ۾ عذابِ جهنم کان بچڻ نصيب ٿيندو۔
جيڪڏهن اسان بزرگانِ دين جي معمولات کي ڏسندا ته اسان کي اندازو ٿيندو ته اهي پاڪيزه صفت ماڻهو نمازون پڙھندا، خوب خوب عبادتون ڪندا، روزا رکندا، فرض ۽ واجبات کي پورو ڪندا هئا، ۽ گناهن جي ويجھو به نه ويندا هئا پر تنهن هوندي به انهن جو حال اهو هو جو خوفِ جهنم سبب ڏڪندا رهندا هئا ۽ ان کان هميشه پناھ گھرندا رهندا هئا، پاڻ اسان جا آقا، مديني وارا مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ عذابِ جهنم کان پناھ گھرندا هئا۔ اهو ئي حال صحابَه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان ۽ ٻين بزرگ سڳورن جو به هو۔ اچو! بزرگن جي آخرت جي خوف جون ڪجھ حڪايتون ۽ انهن مان حاصل ٿيندڙ مدني گل ٻڌون ٿا:
اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ سَيدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جو شمارعشره مُبَشره (عشره مبشره يعني اهي 10 خوش نصيب صحابهء ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جن کي حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جنّت جي بشارت عطا فرمائي انهن) ۾ ٿئي ٿو، حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنْه نبي رحمت، شفيعِ اُمّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا فيض يافته ۽ تربيت يافته آهن، ڪامل علم ۽ عمل وارا ۽ خوفِ خدا جا پيڪر هئا۔ وڏي رتبي تي فائز هئڻ جي باوجود جهنم جي عذابن کي ياد ڪري روئڻ ۽ آھ و زاري ڪرڻ سندن معمولات ۾ شامل هو۔ اچو! انهيءِ باري ۾ ٻه (2)روايتون ٻڌون ٿا۔
حضرت سيدُنا حسن رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته هڪ ڀيري امير المؤمنين حضرت سيدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ هنن آيتن جي تلاوت فرمائي: