Book Name:Jahannam Ki Sazaaen
۾ عاشقانِ رسول جي سٺي صحبت ملندي آهي۔ جيڪڏهن اسان به پنهنجي دل ۾ خوفِ خدا جو جذبو بيدار ڪرڻ چاهيون ٿا ته پوءِ اسان کي گهرجي ته دعوتِ اسلامي جي مدني قافلن ۾ سفر ڪريون۔
اسان جي خوش قسمتي جو رمضان اسان کي نصيب ٿيو هو، هاڻي اهو مقدس مهينو ڪجھ ڏينهن جو مهمان آهي ۽ عنقريب اسان کان رخصت ٿيڻ وارو آهي۔ پوءِ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ عيد جي آمد آمد ٿيندي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هر سال ڪثير معتڪفين ۽ ٻيا عاشقانِ رسول ”پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش“ جي مقدس جذبي سان سرشار ٿي عيد رات جو مدني قافلن جا مسافر ٿيندا آهن، مدني قافلن جي برڪت سان جتي مسجدون آباد ڪرڻ، گناهن جي بري عادت ڇڏڻ، سُنّتن تي عمل، والدين جي فرمانبرداري جو جذبو ماڻڻ، فلمون ڊراما ڏسڻ کان بچڻ ۽ پاڻ کي نمازي بنائڻ جھڙا فائدا حاصل ٿين ٿا، اتي انهن مدني قافلن ۾ سفر ڪرڻ جي برڪت سان قرآنِ ڪريم صحيح مخارج سان پڙهڻ ۽ علم دِين حاصل ڪرڻ جو موقعو به ملندو آهي، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مدني قافلن ۾، وضو، غسل، نماز، روزي جا فرض ۽ واجب سکڻ لاءِ ملندا آهن، تنهنڪري همت ڪريو ۽ چنڊ رات کان سفر ڪرڻ وارن خوش نصيب عاشقانِ رسول سان گڏ مدني قافلن جي لاءِ هينئر کان نيت ڪري وٺو، پنهنجي ذميدارن سان رابطو ڪريو ۽ مدني قافلي جي لاءِ پنهنجو نالو لکرايو، بلڪ ممڪن هجي ته هٿو هٿ سفري اخراجات به جمع ڪرايو۔ الله ڪريم اسان کي چنڊ رات تي مدني قافلي ۾ سفر ڪرڻ جي سعادت نصيب فرمائي۔
اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! باطني گناهن کان بچڻ جي ترغيب ۽ جذبو ماڻڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان