Book Name:Jahannam Ki Sazaaen
الٰہی! جَہَنَّم سے آزاد کر دے
میں فِردَوس میں داخِلہ ما نگتا ہوں
اچو! گڏجي جهنم کان آزادي ۽ شبِ قدر جي دعا ڪريون ٿا: اَللّٰھُمَّ اَجِرۡ نِيۡ مِنَ النَّار اي الله مون کي (جهنّم جي) باھ کان نجات عطا فرما ءِ.
اَللّٰھُمَّ اِنَّک عَفُوٌّ تُحِبُّ الْعَفْوَ فَاعْفُ عَنَّا اي الله! بيشڪ تُون معاف ڪرڻ وارو آهين، معاف ڪرڻ کي پسند ڪندو آهين، پوءِ اسان کي معاف فرمائي ڇڏ۔
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! احياءا لعلوم ۾ امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جهنمين کي ڏنا ويندڙ عذابن جو نقشو ڪڍيو آهي، اچو عبرت حاصل ڪرڻ جي لاءِ ان کي ملاحظه ڪريو! جيئن مڪتبة المدينه جي ڪتاب احياء العلوم جلد 5 صفحي 721 تي آهي:
(ملائڪ جهنمين کي جهنم ۾ ڪيرائي) اهڙي گھر ۾ قيد ڪندا جو جنهن جا ڪنارا تنگ هوندا ۽ رستا اونداھي وارا هوندا ۽ ان (گھر) ۾ هلاڪت جا سبب لڪيل هوندا، اهي قيدي هميشه ان ۾ قيد رهندا، ان ۾ باھ ڀڙڪائي ويندي، ان (قيدين) کي پيئڻ لاءِ ٽهڪندڙ پاڻي (ڏنو ويندو) ۽ رهڻ جي لاءِ جهنم هوندو، عذاب جا ملائڪ انهن (قيدين) کي گُرزن سان ماريندا ۽ باھ انهن (قيدين) کي گڏ ڪندي، اتي انهن (قيدين) جا خيالات ختم ٿي ويندا ۽ انهن (قيدين) کي جهنم مان آزادي نه ملندي، انهن (جهنمين) جا پير پيشاني جي وارن سان ٻَڌا ويندا ۽ گناهن جي ڪاراڻ سان انهن (جهنمين) جا چهرا ڪارا ٿي ويندا، اهي (جهنمي) دوزخ جي ڪنارن وٽان پڪاريندا ۽ ان ۾ هيڏانهن هوڏانهن ائين دانهو ڪندا: اي مالڪ (جهنم تي مقرر نگران فرشتي جو نالو)! اسان تي عذاب جو واعدو سچو ٿي چڪو، اي مالڪ! لوهي ڪڙيون اسان تي گھڻيون وزني آهن، اي مالڪ! اسان جو کلون پَچي چڪيون آهن، اي مالڪ! هاڻي اسان کي