Book Name:Jahannam Ki Sazaaen

اچو!مدني انعامات جي رسالي جي هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا،

مدني انعامات جي رسالي جي بَرڪت

بابُ المدينه ڪراچي جي علائقي نيو ڪراچي جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو ڪجھ هن طرح بيان آهي، علائقي جي مسجد جي امام صاحب جيڪو دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته هو، ان اِنفرادي ڪوشش ڪندي ان جي وڏي ڀاء کي مدني اِنعامات جو هڪ رِسالو تحفي ۾ ڏنو، هو گھر کڻي آيو ۽ پڙهائين ته حيران ٿي ويو ته هن مختصر رسالي ۾ هڪ مسلمان کي اِسلامي زندگي گذارڻ جو ايترو زبردست طريقو ڏنو ويو آهي۔ مدني انعامات جو رِسالو ملڻ جي بَرڪت سان اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! اُن کي نماز جو جذبو مليو ۽ نمازِ باجماعت جي ادائيگي جي لاءِ مسجد ۾ حاضر ٿي ويو ۽ پنج وقت جو نمازي بڻجي چڪو آهي، ڏاڙهي مُبارَڪ به سجائي ورتي ۽ مَدَني انعامات جو رِسالو به پر ڪندا آهن۔

مَدنی انعامات کے عامل پہ ہر دم ہر گھڑی

یاالٰہی! خُوب برسا رحمتوں کی تُو جھڑی

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان بزرگن جي گريو و زاري ۽ انهن جي خوفِ آخرت ۽ خوفِ جهنم بابت ٻڌي رهيا هئاسين، انهن نيڪ ٻانهن مان حضرت سيدُنا عطاء سَلِيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه به آهن۔

حضرت عطا رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو خوفِ جهنم

حضرت سيدُنا علاء بن محمد رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه بيان ڪن ٿا ته مان حضرت سيدُنا عطاء سليمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي گھر ۾ داخل ٿيس ان وقت پاڻ تي بيهوشي طاري هئي۔ مون انهن جي گھرواريءَ اُمِّ جعفر کان پڇا ڪئي ته حضرت سيدُنا عطاء سليمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هن حال ۾ ڇو آهن؟ چيائون: اسان جي پاڙي واريءَ تندور دکايو آهي، هي دُکايل تندور ڏسي بيهوش ٿي ڪري پيا۔