Book Name:Jahannam Ki Sazaaen
جيڪڏهن اسان پنهنجي دل ۾ جهنم جي هولناڪين جو ڊپ پيدا ڪنداسين ته ربّ جي رحمت کان اميد آهي ته جهنم کان نجات ملي ويندي، جهنم جا عذاب بي شمار آهن۔ ڪن روايتن ۾ مختلف گناهن جا مختلف عذاب ٻڌايا ويا آهن۔ اچو! اهڙن ئي ٽن گناهن جو تذڪرو ٻڌون ٿا ۽ انهن گناهن کان بچڻ جي به پڪي نيت ڪريون ٿا:
(1) تڪبر ڪندڙن کي ڏنو ويندڙ عذاب
حضورِ اڪرم ،نورِ مجسم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايائون: قيامت جي ڏينهن مغرورن کي انساني صورتن ۾ ڪِولين وانگر اُٿاريو ويندو، هر پاسي کان انهن تي ذلت طاري هوندي، انهن کي جهنم جي ”بُولس“ نالي قيد خاني ڏانهن ڌِڪيو ويندو ۽ باھ انهن کي پنهنجي وَڪَڙ ۾ وٺي انهن تي غالب اچي ويندي، انهن کي ”طِیْنَةالْخَبَال“ يعني دوزخين جي پونءِ پياري ويندي۔
(ترمذي، ڪتاب صفة القيامة ، ۴/۲۲۱، حديث: ۲۵۰۰)
مشهور مفسرِ قرآن مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: بُولَس يعني ياس ۽ نا اميدي ڇوته اتان نڪرڻ جي اميد نه هوندي ان ڪري ان مقام جو نالو بُولَس آهي۔ پوءِ جيئن پاڻي ۾ ٻڏڻ وارو هر پاسي کان پاڻي ۾ هوندو آهي ائين ئي اهي ماڻهو باھ جي سمنڊ ۾ ٻڏل هوندا، هر پاسي باھ هوندي ۽ ان باھ ۾ مختلف باهن جي گرمي گڏ ڪئي وئي هوندي، ان کي باهن جي باھ فرمايو ويو۔ وڌيڪ فرمائن ٿا ته غُصّو ۽ تڪبر ڪندڙن کي جهنم جي هيٺين طبقي اَسفلُ السّافِلين ۾ رکيو ويندو جتي تمام دوزخين جو رت پونء وهي ايندو رهندو، انهن کي اهو پياريو ويندو، ان گندگي جو نالو طِينَة الخَبَال آهي۔ خبال بمعني فساد، طينه بمعني بدبودار نچوڙ، اهو نهايت ئي گرم گهڻو بدبودار، گهاٽو هوندو، سخت بدمزه جنهن کي ڏسي اُلٽي اچي وڃي، دل گھٻرائي پر اڃ ۽ بک جي غلبي سبب کائڻو پوندو۔ خدا جي پناھ!۔ (مرآة المناجيح ۸/۶۶۱)
اي عاشقانِ ماه رمضان! پنهنجي ڪمزور بدن تي ترس کائو ۽ جهنم جي تباھ ڪارين کان پنهنجو پاڻ کي ڊيڄاريو، جڏهن به نفس ۽ شيطان ڪنهن