Book Name:Jahannam Ki Sazaaen

 

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ:  نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ  يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي. (المعجم الڪبير، سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942)

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اڄ رمضان المبارڪ جي ستاويهين رات آهي۔ اڪثر عالمن جي نزديڪ شبِ قدر ستاويهين رمضان جي رات هوندي آهي۔ شبِ قدر هزار (1000) مهينن (يعني 83 سال 4 مهينن) کان وڌيڪ افضل آهي ۔ شبِ قدر ۾ تمام ملائڪن جا سردار حضرت سَيدُنا جِبرِيل عَلَيۡهِ السَّلَام ۽ ملائڪ نازِل ٿي عِبادت ڪرڻ وارن سان مُصافَحو ڪندا (يعني هٿ ملائيندا) آهن۔ شبِ قدر جو هر هر لمحو صُبحِ صادِق(پرھ ڦٽيءَ) تائين امن ۽ سلامتي وارو آهي۔ شبِ قدر ڀلائين واري رات آهي، شبِ قدر رحمتن ڀري رات آهي، شبِ قدر دُعائن جي قبوليت جي رات آهي۔ شبِ قدر الله پاڪ جون رحمتون