Book Name:Jahannam Ki Sazaaen
کي ڏسن ته جهنم جي باھ کي ياد ڪندي خوف جي ڪري بيهوش ٿي ويندا ها، لذيذ کاڌي سان ان ڪري اهي لطف اندوز نه ٿي سگھندا ها جو انهن کي جهنم ۾ کارايو ويندڙ کاڌو ياد ايندو هو، اي ڪاش جو اسان به انهن جي نقشِ قدم تي هلڻ وارا بڻجي وڃون۔ اسان کي به انهن جهڙي نگاھ عبرت نصيب ٿي وڃي۔
افسوس! اسان جي غفلت ۽ بي فڪري ته ايتري قدر وڌي چڪي آهي، اهي ڪم جيڪي واضح طور تي آخرت جي ياد ڏيارن ٿا انهن کان به اسان عبرت نٿا وٺون۔ جڏهن ته اسان جي بزرگن جو حال اهو هو جو هر انوکي شيء انهن کي جهنم جي ياد ڏانهن کڻي ويندي هئي۔ اچو انهيء باري ۾ هڪ ٻي حڪايت ٻڌون ٿا:
جيئن حضرت سيدُنا مَسمَع بن عاصم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه بيان ڪن ٿا ته مون حضرت سيدُنا عبدالعزيز بن سلمان، حضرت سيدُنا ڪلاب ۽ حضرت سيدُنا سلمان اَعرج رَحِمَهمُ الله السَّلَام ڪنهن ساحل (سمنڊ جي ڪناري) تي رات گذاري، ٿوري دير ۾ اوچتو حضرت سيدُنا ڪلاب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه روئڻ لڳا، اهي ايترا رُنا ايترا رُنا جو مون کي انديشو ٿيڻ لڳو ته ڪٿي پاڻ وفات نه ڪري وڃن۔ پوءِ انهن جي روئڻ جي ڪري حضرت سيدُنا عبدالعزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه به روئڻ لڳا، ٿوري ئي دير ۾ حضرت سيدُنا سلمان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه به انهن ٻنهن جي روئڻ جي ڪري روئڻ لڳا۔ حضرت مَسمَع رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه چون ٿا: انهن ٽنهي کي روئيندو ڏسي مان به روئڻ لڳس۔ پر مون کي اهو معلوم نه هو ته اهي ٽئي ڇو روئي رهيا آهن۔ پوءِ بعد ۾ مون حضرت سيدُنا عبدالعزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان پڇا ڪئي: اي ابو محمد! ان رات اوهان ڪهڙي سبب رُنا ها؟ انهن فرمايائون: خدا جو قسم! جڏهن مون سمنڊ جون موجون ڏٺيون ۽ انهن جو شور ٻُڌو ته مون کي جهنم جي باھ ۽ ان جو آواز ياد اچي ويو جنهن سبب مان روئڻ لڳس۔ پوءِ مون واري واري سان حضرت سيدُنا ڪلاب ۽ حضرت سيدُنا سلمان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهما کان به پڇا ڪئي ته