Book Name:Jahannam Ki Sazaaen
اي عاشقانِ رسول! غيبت به هڪ اهڙو گناھ آهي جيڪو جهنم جي عذابن جو حقدار بڻائي سگھي ٿو۔ ڪنهن مسلمان جي غيرموجودگي ۾ ڪنهن اهڙي عيب جو ذِڪر ڪرڻ، جو ان ۾ موجود هجي غيبت چئبو آهي ۽ غيبت ڪرڻ گناههِ ڪبيره، قطعي حرام ۽ جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي، غيبت ڪرڻ وارن جي لاءِ جهنم ۾ درد ناڪ عذاب هوندا، جيئن
باهه ۽ پاڻي جي وچ ۾ ڀڄندو وتندو
حضور نبي ڪريم، رء ُوفٌ رَّحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايائون: چئن قسمن جا جهنّمي جيڪي حَمِيم ۽ جَحِيم (يعني ٽهڪندڙ پاڻي ۽ باهه) جي وچ ۾ ڀڄندا ۽ وَيل وثُبُور (يعني هلاڪت) پيا گهرندا رهنداـ انهن مان هڪ اهڙو به هوندو جيڪو پنهنجو گوشت کائيندو هوندو ـ جهنّمي چوندا هن بدبخت کي ڇا ٿيو آهي جو اسانجي تڪليف ۾ واڌارو پيو ڪري ـ انهن کي چيو ويندو، هي “بَـدبَخت” ماڻهن جو گوشت کائيندو (يعني غيبت ڪندو) ۽ چُغلي هڻندو هو۔ (ذم الغيبة لابن ابي الدنيا، ص۸۹ ،حديث: ۴۹)
اچو! غيبت جون ڪجھ تباھ ڪاريون ٻڌون ٿا ۽ غيبت کان بچڻ جي سچي پڪي نيت ڪريون ٿا، جيئن
غيبت ڪرڻ واري کي جَهنّم ۾ مردار کائڻو پوندو. ٭غيبت مُئَل ڀاءَ جي گوشت کائڻ برابر آهي. ٭ غيبت ڪرڻ وارو قبر جي عذاب ۾ گرفتار ٿيندو ٭ غيبت ڪرڻ وارا ٽامي جي نَنهن سان پنهنجي چهري ۽سيني کي هر هر رهڙي رهيا هوندا ٭ غيبـت ڪرڻ واري کي اُن جي پاسن کان گوشت ڪَٽي ڪَٽي کارايو ويندو. ٭ غيبت ڪرڻ وارا قيـامت ۾ ڪُـتي جـي شڪل ۾اٿندا. ٭ غيبت ڪرڻ وارا جهنّم جا بـَاندَر هوندا. ٭ غيبت ڪرڻ واري کي دوزخ ۾ پنهنجو ئي گوشت کائڻو پوندو. ٭ غيبت ڪرڻ وارا ٽهڪندڙ پاڻي ۽ باهه جي