Book Name:Jahannam Ki Sazaaen
آهن، الله پاڪ هن رات پنهنجي ٻانهن تي رحمتِ الٰهي جي خوب بارش ڪندو آهي ۽ گناهگارن جي بخشش ۽ مغفرت ڪري انهن کي جهنم کان رهائي عطا ڪندو آهي پر ڪجھ اهڙا بدنصيب به آهن جيڪي هن مقدَّس رات ۾ به بخشش ۽ مغفرت کان محروم رهندا آهن،
حضرتِ سيدنا عبدالله ابن عباس رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْهُمَا فرمائن ٿا ته حضورنبي ڪريم، روفٌ رَّحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو ته جڏهن شبِ قدر ايندي آهي ته الله عَزَّوَجَلَّ جي حڪم سان حضرت جبريل عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام هڪ سائو جهنڊو کڻي فرشتن جي تمام وڏي فوج سان گـڏ زمين تي نُزول فرمائيندا آهن ۽ ان جهنڊي کي ڪعبهءِ معظمه تي ڦڙڪائيندا آهن۔ حضرتِ جبريل عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جا سؤ پر آهن جن مان ٻه پر صرف انهيءَ رات کوليندا آهن اهي پَرَ اوڀر ۽ اولهه ۾ ڦهلجي ويندا آهن پوءِ حضرتِ جبريل عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام فرشتن کي حڪم ڏيندا آهن ته جيڪو به ڪو مسلمان اڄ رات قيام، نماز يا ذڪرالله عَزَّوَجَلَّ ۾ مشغول آهي ان سان سلام ۽ مصافحو ڪريو، ۽ پڻ ان جي دعائن تي آمين به چئو۔ اهڙيءَ ريت صبح تائين اهو ئي سلسلو رهندو آهي۔ صبح ٿيڻ تي حضرتِ جبريل عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام فرشتن کي واپسيءَ جو حڪم صادر فرمائيندا آهن۔ فرشتا عرض ڪندا آهن اي جبريل عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام الله عَزَّوَجَلَّ پنهنجي پياري حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي امت جي حاجتن جي باري ۾ ڇا ڪيو؟ حضرتِ جبريل عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام فرمائيندا آهن، الله عَزَّوَجَلَّ انهن ماڻهن تي خصوصي ڪرم جي نظر فرمائي ۽ چئن قسمن جي ماڻهن کان سواءِ سڀني ماڻهن کي معاف فرمائي ڇڏيو۔ صحابهءِ ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان عرض ڪيو، ”يا رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اهي چئن قسمن جا ماڻهو ڪهڙا آهن؟ ارشاد فرمايائون (1) هڪ ته شراب جو عادي (2) ٻيا ماءُ پيءُ جا نافرمان (3) ٽيان قطعِ رِحمي ڪرڻ وارا۔ (يعني رشتيدارن کان تعلقات ٽوڙڻ وارا) ۽ (4) چوٿان اهي ماڻهو جيڪي پاڻ ۾ وير ۽ ڪِينو رکن ٿا ۽ پاڻ ۾ قطع تعلق ڪرڻ وارا۔“ ( شعَبُ الْايمان ، ۳/۳۳۶، حديث:۳۶۹۵)