Book Name:Jahannam Ki Sazaaen
مسلمان کي حقير سمجھي ۽ غرور ۽ تڪبُّر جو مظاهرو ڪرڻ تي اُڀاري ته هڪدم جهنم جي عذابن کي ياد ڪريو، ڇوته تڪبُّر تمام بُري عادت آهي، جنهن بدنصيب کي تڪبُّر جي بيماري لڳي وڃي ان کي تباهي ۽ بربادي جي ويجھو آڻي ڇڏيندي آهي ۽ نيٺ ان کي جهنم جو حقدار بڻائيندي آهي، جيئن
حضرت سَيدُنا عبدالله بن عمر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُمَا فرمائن ٿا: جهنم ۾ هڪ محل آهي جنهن جو نالو بُولَس آهي، ان ۾ ظالم ۽ متڪبر ماڻهو داخل ٿيندا، اهو سڀني باهن جو منبع ۽ مرڪز آهي، سڀني بُرائين کان وڌيڪ بُرو آهي، سڀ غمناڪين کان وڌيڪ غمناڪ آهي، سڀني موتن جو موت آهي ۽ برن کوهن مان بد ترين آهي۔ (التخويف من النارلابن رجب،ص۸۸)
اچو! گڏجي جهنم کان آزادي ۽ شبِ قدر جي دعا ڪريون ٿا: اَللّٰھُمَّ اَجِرۡنِيۡ مِنَ النَّار اي الله مون کي (جهنّم جي) باھ کان نجات عطا فرما
اَللّٰھُمَّ اِنَّک عَفُوٌّ تُحِبُّ الْعَفْوَ فَاعْفُ عَنَّا اي الله! بيشڪ تُون معاف ڪرڻ وارو آهين، معاف ڪرڻ کي پسند ڪرين ٿو، اسان کي معاف فرمائي ڇڏ۔
الٰہی! جَہَنَّم سے آزاد کر دے
میں فِردَوس میں داخِلہ مانگتا ہوں
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
(2) نمازون قضا ڪرڻ وارن لاءِ عذاب
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! جهنم ۾ جن بد نصيبن کي دردناڪ ۽ هولناڪ عذابن کي منهن ڏيڻو پوندو انهن ۾ نمازون قضا ڪرڻ وارا به شامل آهن، جن کي جهنم جي ”غَي“ نالي وادي ۾ وڌو ويندو، جيئن
الله پاڪ سيپاري 16 سوره مريم آيت نمبر 59 ۾ ارشاد فرمائي ٿو: