Book Name:Jahannam Ki Sazaaen
فَخَلَفَ مِنْۢ بَعْدِهِمْ خَلْفٌ اَضَاعُوا الصَّلٰوةَ وَ اتَّبَعُوا الشَّهَوٰتِ فَسَوْفَ یَلْقَوْنَ غَیًّاۙ(۵۹) (پ۱۶،سورہ مريم:۵۹)
ترجمو ڪنز الايمان: پوءِ انهن جي پٺيان انهن جي جاءِ تي اهي نالائق آيا جن نمازون وڃايون ۽ پنهنجي خواهشن جي پٺيان لڳا عنقريب پوءِ اهي دوزخ غيّ جو جھنگ ڏسندا.
صَدرُ الشَّرِيعَه، بَدرُالطَّرِيقَه حضرتِ علّامه مولانا مفتي محمد امجد علي اَعظَمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: ’’غَیّ‘‘ جهنم جي هڪ وادي آهي جنهن جي گرمي ۽ اونهائي سڀ کان وڌيڪ آهي، ان ۾ هڪ کوھ جنهن جو نالو ’’هَب هَب‘‘ آهي، جڏهن جهنم جي باھ وسامجڻ تي ايندي آهي ته الله پاڪ ان کوھ کي کولي ڇڏيندو آهي جنهن سان اها (جهنم جي باھ) بدستور ڀڙڪڻ لڳندي آهي. هي کوھ بي نمازين ۽ زانين ۽ شرابين ۽ وياج خورن ۽ ماءُ پيءُ کي ايذاء ڏيڻ وارن جي لاءِ آهي۔ (بهارِشريعت،ج۱،ص ۴۳۴ملتقطاً)
اي عاشقانِ ماههِ رمضان! خوفِ خُدا وَندي سان ڏڪي پئو ۽ گھٻرائي جلدي جلدي پنهنجي گناهن کان تَوبه ڪري وٺو جو زندگي جو ڪو ڀروسو ناهي، اچو! هٿو هٿ نيت ڪريون ٿا ته آئنده ڪا نماز نه ڇڏينداسين، شراب نوشي کان بچندا رهنداسين، بد ڪاري کان هردم بچندا رهنداسين، وياج خوري ۽ والِدَين جي نافرماني کان بچندا رهنداسين۔
اچو! گڏجي جهنم کان آزادي ۽ شبِ قدر جي دعا ڪريون ٿا: اَللّٰھُمَّ اَجِرۡ نِيۡ مِنَ النَّار اي الله مون کي (جهنّم جي) باھ کان نجات عطا فرما
اَللّٰھُمَّ اِنَّک عَفُوٌّ تُحِبُّ الْعَفْوَ فَاعْفُ عَنَّا اي الله! بيشڪ تُون معاف ڪرڻ وارو آهين، معاف ڪرڻ کي پسند ڪرين ٿو، پوءِ اسان کي معاف فرمائي ڇڏ۔
الٰہی! جَہَنَّم سے آزاد کر دے
میں فِردَوس میں داخِلہ مانگتا ہوں
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد