Book Name:Jahannam Ki Sazaaen

اَللّٰھُمَّ اِنَّک عَفُوٌّ تُحِبُّ الْعَفْوَ فَاعْفُ عَنَّا اي الله! بيشڪ تُون معاف ڪرڻ وارو آهين، معاف ڪرڻ کي پسند ڪندو آهين، اسان کي معاف فرمائي ڇڏ۔

ہائے! حُسنِ عمل نہیں پلّے                                 حَشْر میں میرا ہوگا کیا یاربّ!

گرمیِ حَشْر، پیاس کی شدّت                                جامِ کوثر مجھے پِلا یاربّ!

خَوف دوزخ کا آہ! رحمت ہو                               خاکِ طیبہ کا واسِطہ یاربّ!

میرا نازک بدن جہنم سے                                   از طُفیلِ رضا بچا یاربّ!

طالبِ مَغْفرت ہوں یااللہ                                  بَخْش حیدر کا واسِطہ یاربّ!

کر دے جنّت میں تُو جوار اُن کا                           اپنے عطّار کو عطا یارب!

(وسائلِ بخشش مرمم، ص۸۰،۸۱)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

جهنم جو تعارف

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت مفتي امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جهنم جو تعارف ڪرائيندي فرمائن ٿا: جهنم هڪ گھر آهي، جيڪو ان قهار ۽ جَبَّار جي جلال جو مظهر آهي۔ جهڙي طرح الله پاڪ جي رحمت ۽ نعمت جي ڪا انتها نه آهي، اهڙي طرح ان جي غضب ۽ قهر جي به ڪا حد نه آهي۔ هر اها تڪليف ۽ اذيت جيڪا سوچي وڃي، سمجھي وڃي اها هڪ ادنيٰ حصو آهي ربّ جي بي انتها عذاب جو۔  (بهارِ شريعت، حصه اول، ۱/۱۶۳ملتقطاًو ملخصاً)

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي ڊيڄارڻ جي لاءِ الله پاڪ قرآنِ پاڪ ۾ ڪيئي هنڌن تي جهنمين کي ڏنو ويندڙ عذابن جو ذڪر فرمايو آهي۔ جيئن سيپاري 15 سُورةُ الڪهف، آيت نمبر29 ۾ ارشاد آهي:

اِنَّاۤ اَعْتَدْنَا لِلظّٰلِمِیْنَ نَارًاۙ-اَحَاطَ بِهِمْ سُرَادِقُهَاؕ-وَ اِنْ یَّسْتَغِیْثُوْا یُغَاثُوْا بِمَآءٍ كَالْمُهْلِ یَشْوِی الْوُجُوْهَؕ-بِئْسَ