Book Name:Jahannam Ki Sazaaen

قبر ۾ به لاهيون ٿا، مرڻ واري کي مڻن مٽي هيٺ دفن ڪري پنهنجي هٿن سان مٽي به وجھون ٿا۔ پر انهن عبرت انگير لمحن کان عبرت حاصل نٿي ٿئي، هاڻي جنازن ۾ به ڪي نادان ماڻهو کل مذاق ۾ لڳل هوندا آهن ته ڪي موبائل تي ٽائم پاس ((Time pass ڪري رهيا هوندا آهن، ڪجھ پنهنجي ڪاروباري معاملن تي بحث ڪري رهيا هوندا آهن ته ڪجھ موقع غنيمت سمجھي خانداني مسئلن ۾ اُلجھيل هوندا آهن۔ ڪي سياست تي تبصرا ڪري رهيا هوندا آهن ته ڪي ڪرڪٽ ميچ تي ڳالهيون ڪري رهيا هوندا آهن۔

پهريان جي ماڻهن جي جنازن ۾ ڪهڙي ڪيفيت هوندي هئي۔ اچو! ان جون ڪجھ روايتون ٻڌون ٿا:

1۔ صحابي رسول، حضرت سيدُناابو هريره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي باري ۾ منقول آهي ته جڏهن ڪو جنازو ڏسندا ها ته فرمائيندا ها: وڃو اسان توهان جي پويان اچي رهيا آهيون۔ (احياء العلوم، ۵/۵۸۴)

2۔ حضرت سيدُنا اعمش رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: اسان جنازن ۾ شريڪ ٿيندا هئاسين پر مجمع ۾ هر شخص جي رنج وغم جي تصوير نظر اچڻ جي سبب اسان کي سمجھ نه ايندو هو ڪنهن سان تعزيت ڪريون۔ (احياء العلوم، ۵/۵۸۵)

3۔ حضرت سيدُنا ثابت بناني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: اسان جنازن ۾ شرڪت ڪندا هئاسين ۽ هر شخص کي چادر سان پنهنجو مٿو ڍڪي روئيندي ڏسندا هئاسين۔ (احياء العلوم، ۵/۵۸۵)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مختلف گناهن جا مختلف عذاب

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هاڻي اسان بزرگن جي خوفِ جهنم جا ڪجھ واقعا ٻڌا آهن۔ اسان مان هر هڪ کي جهنم جي مٿي قائم پُل صِراط تان گذرڻو آهي۔