Book Name:Jahannam Ki Sazaaen
فيضانِ مدني قافلو! جاري رهندو۔ اِنْ شَآءَ الله
فيضانِ مدني قافلو! جاري رهندو۔ اِنْ شَآءَ الله
فيضانِ مدني قافلو! جاري رهندو۔ اِنْ شَآءَ الله
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اهڙي طرح خوش نصيب عاشقانِ رسول مختلف مدني ڪورسن ۾ به داخلو وٺن ٿا ۽ علمِ دين جي نور سان پنهنجي قبر و آخرت روشن ڪن ٿا۔ انهن مدني ڪورسن ۾ 7 ڏينهن جو فيضانِ نماز ڪورس، 7 ڏينهن جو 12مدني ڪم ڪورس، 7 ڏينهن جو اصلاحِ اعمال ڪورس ۽ 63 ڏينهن جو مدني تربيتي ڪورس شامل آهن۔ عاشقانِ رسول جي صحبت سان مالامال اهي تمام مدني ڪورسَ آخرت جي لاءِ نفع مند آهن۔ هنن مدني ڪورسن ۾ بعض اهي علوم به حاصل ٿين ٿا جن جو سکڻ هر عاقل بالغ مسلمان تي فرض آهي۔ اهي مدني ڪورسَ مختصر وقت ۾ ڪثير علمِ دين سکڻ ۽ مدني ڪمن جي رفتار تيز ڪرڻ جا بهترين ذريعا آهن۔ انهن ۾ به داخلو وٺو، بلڪه ٿي سگھي ته هاڻي کان ئي پنهنجو نالو انهن مدني ڪورسن ۾ داخلي جي لاءِ لکرائي ڇڏيو۔
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
دعوتِ اسلامي جي شعبن جو مُختصر تعارُف
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي جتي سُنّتن جي تربيت ۽ نيڪي جي دعوت عام ڪري رهي آهي اتي ڪم وبيش 104شعبن ۾ مَدَني ڪم ڪري رهي آهي، هن سمورن شُعبن کي هلائڻ جي لاءِ ڪروڙين نه بلڪه اربين روپين جي اَخراجات جي ضرورت پوندي آهي، مُلڪ وبيرونِ مُلڪ دعوتِ اسلامي تحت ڪم وبيش 616 (ڇھ سو سورهن) جامعاتُ المدينه ( للبنين وللبنات) قائم آهن جن ۾ ڪم و بيش، 52574 (ٻاونجھ هزار پنج سو چوهتّر)، شاگرد ۽ شاگردياڻيون درسِ نظامي ڪري رهيون آهن، ملڪ و بيرونِ ملڪ تقريباً 3287 (ٽي هزار ٻه سو ستاسي) مدرسةُ المدينه(للبنين وللبنات) به قائم