Book Name:Jahannam Ki Sazaaen

حديث سڳورين ۾ بيان ٿيل عذاب

مختلف احاديثِ ڪريمه ۾ به جهنم جي عذابن جي هولناڪين کي بيان ڪيو ويو آهي، اچو! عبرت حاصل ڪرڻ ۽ پاڻ کي خوابِ غفلت کان بيدار ڪرڻ جي ارادي سان ڪجھ جھلڪيون ٻڌون ٿا:

منقول آهي ته حضرت سَيدُنا جبرئيلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام مڪي مديني جي تاجدار، محبوبِ پَروَردگار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي قَسَم کڻي عَرض ڪيو: جيڪڏهن جَهنَّم کي سُوئي جي سوراخ بَرابَر کوليو وڃي ته تمام زمين وارا سڀ جا سڀ ان جي گَرمي (Heat) سبب مري وڃن ۽ قسم کڻي چيائين: جيڪڏهن جهنمين جي زَنجير جي هڪ ڪڙي دُنيا جي جبلن تي رکي وڃي ته (اهي) ڏڪڻ لڳن ۽ اُنهن کي قَرار نه ملي، ايستائين جو هيٺين زَمين تائين دٻجي وڃن۔ ( مجمع الزوائد، ڪتاب صفة النار، ۱۰/۷۰۶ ،۷۰۷ حديث:۱۸۵۷۳، ملتقطاً)

هڪ ٻي حديثِ پاڪ ۾ آهي: توهان جي اها (دنياوي) باھ جهنم جي باھ جي ستّر(70)حصن مان هڪ حصو آهي۔ (ابن ماجة،ڪتاب الزھد،باب صفة النار، ص۵۲۸،حديث۱۸ ۴۳)

هڪ ٻي حديثِ پاڪ ۾ آهي ته جيڪڏهن جهنم جي هٿوڙن مان ڪو هٿوڙو زمين تي رکيو وڃي ته تمام جِنّ ۽ اِنسان گڏ ٿي به ان کي زمين تان نٿا کڻي سگھن۔ (مسنداحمد،مسند ابي سعيد خدري، ۴/۵۸،حديث:۱۱۲۳۳)

منقول آهي ته جيڪڏهن جَهنَّم جي ٿُوهڙ (هڪ ڪنڊيدار زهريلي وڻ) جو هڪ قطرو دُنيا ۾ اچي وڃي ته ان جي بدبُو سان تمام دنيا وارن جي مَعيشَت بَرباد ٿي وڃي۔ (ترمذي، ڪتاب صفة جھنم،باب ماجاء في صفة شراب اھل النار،۴/۲۶۳،حديث: ۲۵۹۴ملقتطاً)

(جهنم ۾ جڏهن جهنمي) پاڻي گھرندا ته انهن کي اهڙو ٽهڪندڙ پاڻي ڏنو ويندو جو وات جي ويجھو ايندي ئي وات جي کل ڳري ڪِري پوندي ۽ پيٽ ۾ ويندي ئي آنڊن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندو۔ (ترمذي، ڪتاب صفة جھنم، باب ماجاء في صفة طعام اھل النار،۴/۲۶۴،حديث:۲۵۹۵)