Book Name:Jahannam Ki Sazaaen
ويندو، پوءِ جڏهن جَهنَّم مَخلوق کان سؤ (100) سالن جي مفاصلي تي پهچندي ته ان ۾ ايترو شَديد ڀڙڪو پيدا ٿيندو جنهن سان مَخلوق جا دل ڏڪي ويندا، پوءِ جڏهن ٻيهر ڀڙڪو پيدا ٿيندو ته هر مُقرَّب فِرِشتو ۽ نبي ۽ رسول گوڏن ڀر ڪِري پوندا، پوءِ جڏهن ٽيون ڀيرو ڀڙڪندو ته ماڻهن جا دل سينن مان نڪري ڳچي تائين پهچي ويندا ۽ عقل گھٻرائجي ويندا، ايستائين جو حَضرتِ سَيدُنا ابراهيم عَلٰي نَبِينَاوَعَلَيه الصَّلٰوة وَالسَّلَام عَرْض ڪندا: مان تنهنجي خَليل هئڻ جي صَدقي صِرف پنهنجي لاءِ سُوال ڪيان ٿو۔ حَضْرتِ سَيدُنا موسيٰ عَلٰي نَبِينَا وَ عَلَيه الصَّلٰوة وَالسَّلَام عَرض ڪندا: يا الٰهي! مان پنهنجي مُناجات جي صَدقي صِرف پنهنجي لاءِ سُوال ڪيان ٿو۔ حَضرتِ سَيدُنا عيسيٰ عَلٰي نَبِينَا وَ عَلَيه الصَّلٰوة وَالسَّلَام عَرض ڪندا: ياالٰهي! تو مون کي جيڪا عِزت ڏني آهي، ان جي صَدقي ۾ صرف پنهنجي لاءِ سُوال ڪيان ٿو، ان مريم(رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا) جي لاءِ سُوال نٿو ڪيان جنهن مون کي ڄڻيو آهي۔ (جهنم ۾ لے جانے والے اعمال،ص۹۷،۹۸)
گناہگار ہوں میں لائقِ جہنم ہوں کرم سے بخش دے مجھ کو نہ دے سزا یاربّ!
بُرائیوں پہ پشیماں ہوں رحم فرما دے ہے تیرے قَہْر پہ حاوی تِری عَطا یاربّ!
گُناہ بے عدد اور جُرْم بھی ہیں لاتعداد مُعاف کر دے نہ سہ پاؤں گا سَزا یاربّ!
میں کر کے تَوبہ پلٹ کر گُناہ کرتا ہوں حقیقی تَوبہ کا کردے شَرَف عَطا یاربّ!
نہیں ہے نامَۂ عطّار میں کوئی نیکی فقط ہے تیری ہی رَحْمت کا آسرا یاربّ!
(وسائلِ بخشش مرمّم، ص۷۸)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! غور ڪريو! قيامت جي ڏينهن جڏهن جَهنَّم کي آندو ويندو ته ڪيڏو جان وٺندڙ مَنظَر هوندو؟ ٿورو تَصوُّر ته ڪريو! هن وقت