Book Name:Jahannam Ki Sazaaen
وابسته ((Associate ٿي وڃو ۽ جنهن کان جيترو ٿي سگھي، پنهنجي ٻين مصروفيتن مان ڪجھ نه ڪجھ وقت مدني ڪمن جي لاءِ ضرور ڪڍي، انهن مدني ڪمن ۾ شموليت جي برڪت سان اسان گناهن کان بچيل رهنداسين، آخرت جي لاءِ نيڪين جو ذخيرو گڏ ٿيندو رهندو، نيڪي جي دعوت ڏيڻ وارن خوش نصيبن ۾ اسان جو شُمار ٿيندو، چڱي صحبت مُيسّر ٿيندي۔مدني ماحول سان وابسته ٿي مدني انعامات تي عمل ڪرڻ وارا بڻجي وڃو۔
٭ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مَدَني اِنعامات، عمل جو جذبو وڌائڻ ۽ گناهن کان پيڇو ڇڏائڻ جو بهترين نُسخو آهن، ٭ مَدَني اِنعامات تي عمل ڪرڻ وارن کان اَميرِ اَهلسُنّت،باني دعوتِ اسلاميدَامَتْ بَرَکَاتُهمُ الْعَالِيه گھڻا خوش ٿيندا ۽ اُنهن کي دُعائن سان نوازيندا آهن ٭ مَدَني اِنعامات تي عمل جي بَرَڪت سان خَوفِ خُدا ۽ عشقِ مُصطَفٰي جي لازوال دَولت نصيب ٿيندي آهي. ٭ مَدَني اِنعامات جو اهو عظيم تحفو بزرگانِ دِين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهمْ اَجْمَعِين جي ياد ڏياري ٿو، ٭ مَدَني اِنعامات بُزرگانِ دِين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهمْ اَجْمَعِين جي نَقشِ قَدَم تي هلندي فِڪرِ مدينه يعني پنهنجي عملن جو مُحَاسَبو ڪرڻ جو بهترين ذَرِيعو آهي۔ انهي مدني انعامات مان مدني انعام نمبر 38 آهي: ڇا اڄ اوهان ڪوڙ، غيبت، چغلي، حسد، تڪبر ۽ وعده خلافي کان بچڻ ۾ ڪامياب ٿيؤ؟
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن اسان باطني گناهن ۽ هلاڪت ۾ وجھڻ وارن عملن کان بچڻ چاهيون ٿا ته اسان کي اڄ کان ئي هن مدني انعام تي عمل شروع ڪرڻ سان گڏوگڏ سڄي زِندگي جي لاءِ مدني انعامات کي اپنائڻ گھرجي، مدني انعام نمبر 38 اسان جي باطن کي سنوارڻ جو هڪ مدني نسخو آهي، ڪوڙ، غيبت، چغلي، حسد، تڪبر ۽ وعده خلافي هي اهي باطني بُرا عمل آهن جيڪي اسان جي باطن کي بد صورت بڻائيندا آهن، الله پاڪ اسان کي ظاهري ۽ باطني طور تي هر طرح جي گناھ کان بچڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ مدني انعامات جو عامل بڻائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ