Book Name:Jahannam Ki Sazaaen
انهن به اهو ئي جواب ڏنو ته سمنڊ جون موجون ۽ انهن جو شور ڏسي اسان کي جهنم جي باھ ۽ ان جو آواز ياد اچي ويو هو۔ (اللّٰه والوں کی باتيں، ۶/۳۴۴ بتغير)
الٰہی! جَہَنَّم سے آزاد کر دے
میں فِردَوس میں داخِلہ مانگتا ہوں
اچو! گڏجي جهنم کان آزادي ۽ شبِ قدر جي دعا ڪريون ٿا: اَللّٰھُمَّ اَجِرۡنِيۡ مِنَ النَّار اي الله مون کي (جهنّم جي) باھ کان نجات عطا فرما
اَللّٰھُمَّ اِنَّک عَفُوٌّ تُحِبُّ الْعَفْوَ فَاعْفُ عَنَّا اي الله! بيشڪ تُون معاف ڪرڻ وارو آهين، معاف ڪرڻ کي پسند ڪرين ٿو، پوءِ اسان کي معاف فرمائي ڇڏ۔
مجھے نارِ دوزخ سے ڈر لگ رہا ہے
ہو مجھ ناتواں پر کرم یاالٰہی
جَلا دے نہ نارِ جہنم کرم ہو
پئے بادشاہِ اُمم یا یاالٰہی
(وسائلِ بخشش مرمّم، ص۱۱۰،۱۱۱)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! غور ڪريو! ساحلِ سمنڊ (سمنڊ جو ڪنارو) اسان جي ويجھو تفريحي جيان شمار ٿيندو آهي، جڏهن ته الله وارن جي لاءِ اهو به عبرت جو نظارو هوندو آهي، اي ڪاش جو اسان جي به عبرت ڀري نگاھ بيدار ٿي وڃي، اسان جو حال ته اهو ٿي چڪو آهي جو اسان انهن کان به عبرت نٿا حاصل ڪريون جيڪي عبرت جون ئي جڳهون هونديون آهن۔ جي ها! ايندڙ ڏينهن مرڻ وارن جا اعلان ٻڌون ٿا، غُسلِ ميت به ڏيون ٿا، جنازن ۾ شرڪت ڪري ڪڏهن ڪڏهن ميت کي ڪلهو به ڏيون ٿا، ميت کي پنهنجي هٿن سان